اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي منزل خودمختياري آهي، ڪجهه اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا جن کي ڪا حڪومت تبديل نه ڪري سگهي. پاڻ تي ڀاڙڻ ئي قوم جي سياسي ۽ معاشي آزادي جي ضمانت آهي، اڳوڻي حڪومت بجلي جي پيداوار جي منصوبن ۾ دير ڪري ۽ سستي گئس جا ڊگهي مدي وارا معاهدا نه ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو، سپر ٽيڪس جو پئسو ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن هتي ”ٽرن ارائونڊ پاڪستان“ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڻ تي ڀاڙڻ ئي اصل منزل آهي، گڏيل حڪومت ۾ چئني صوبن جي نمائندگي آهي ۽ مشاورت سان فيصلا ڪيا وڃن ته ان کي سگهه ملي ٿي، ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جو چئلينج سڀني گڏجي قبول ڪيو آهي، ان ذميواري کي اسان نڀائينداسين، آءِ ايم ايف کان جلد 2 ارب ڊالر ملي ويندا، پاڻ تي ڀاڙڻ ئي ڪنهن جي قوم جي معاشي ۽ سياسي آزادي جي ضمانت آهي، ان کان سواءِ ڪا به قوم آزاديءَ سان فيصلا نه ٿي ڪري سگهي، بنگلاديش آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ ۽ ڪنهن ٻي مالياتي اداري جي مدد بنا 6 ارب ڊالر جي بنيادي ڍانچي جو هڪ وڏو منصوبو ٺاهيو آهي، 75 سالن ۾ پاڪستان تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو. اسان جي اتحادي حڪومت آهي، مشاورت جمهوري عمل آهي، وڏا چئلينج آهن، سڀ گڏجي ملڪ کي بحران مان ڪڍنداسين. پاڪستان ۾ وسيلن ۽ باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ نه آهي، واپار، معيشت، سياست، سفارتڪاري ۽ صحافت سڀني شعبن ۾ قابل ماڻهو موجود آهن، الله تعاليٰ اسان کي تمام گهڻين نعمتن سان نوازيو آهي، ريڪوڊڪ ۾ اربين ڊالر جو خزانو پوريل آهي پر اڃان تائين اسان ان مان هڪ پئسو نه ڪمايو آهي، ويتر ڪيسن تي اربين روپيا ضايع ڪيا ويا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ نيوڪليئر طاقت آهي ۽ اها ائٽمي صلاحيت اسان جو دفاع آهي، ڪنهن جي خلاف جارحيت جي لاءِ نه آهي ۽ ان صلاحيت اسان جي دفاع کي مضبوط ڪيو آهي، ملڪ اڄ قرضن جي بار هيٺ دٻيل آهي، ترقي ۽ خوشحالي جو مقام حاصل نه ڪرڻ تي افسوس آهي، ماضي ۾ صحيح فيصلا نه ڪيا ويا، جنهن جو ملڪ کي نقصان ٿيو، جي تقدير بدلائڻ لاءِ اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا جن کي پوءِ ڪا به حڪومت تبديل نه ڪري سگهي. حويلي بهادر شاهه ٽو 1250 ميگاواٽ جو بجلي جي پيداوار جو منصوبو آهي، اهو ٻه اڍائي سال اڳ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها پر بدقسمتي سان جديد ٽيڪنالاجي جو اهو منصوبو اڄ تائين پيداوار نه ڏئي سگهيو، ان جي دير جي ڪري نه رڳو ان جا خرچ وڌي ويا پر بجلي جي پيداوار شروع نه ٿيڻ سان ملڪ کي وڏو نقصان کڻڻو پيو آهي. وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ آمريڪا جي ڪمپني جي اي 3 ٻيا منصوبا هنيا ۽ ان مان پيداوار شروع ٿي وئي پر اڄ گئس نه هجڻ سبب سڄي گنجائش موجب بجلي پيدا نه ٿا ڪري سگهون، دنيا ۾ جيڪو بحران آيو ان جي ڪري توانائي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، اڳوڻي حڪومت گئس جا سستا ۽ ڊگهي مدي وارا معاهدا نه ڪيا. هاڻي جولاءِ کان افغانستان مان ڪوئلي جي درآمد شروع ٿي ويندي، ڪوئلي جي درآمد روپين جي ڪرنسي ۾ ٿيندي جنهن سان هڪ سال ۾ 2 ارب ڊالرن جي بچت ٿيندي. روانگي واپار ۾ واڌ ۽ آمدني واپار ۾ گهٽتائي، زراعت ۽ زراعت تي ٻڌل صنعتن جي ترقي ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. 14 مهينن ۾ اسان ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻ جا ڀرپور قدم کڻنداسين، چين پاڪستان کي مالي معاونت فراهم ڪئي آهي ۽ ان سخت شرطون به ناهن لڳايون. هن چيو ته موجوده حڪومت معيشت جي بهتري ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي جي لاءِ سپر ٽيڪس جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي ان کي اڪثريت قبول ڪيو آهي، ان سان 230 ارب روپيا گڏ ٿيندا، اهو پئسو دفتري ۽ سرڪاري خرچن تي نه پر معيشت جي ترقي، خوشحالي، برآمدات ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي خرچ ڪيو ويندو. ان حوالي سان جلد منصوبن جو اعلان ڪنداسين. سپر ٽيڪس جو پئسو ضايع نه ٿيندو. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ ملڪ جو حصو آهي پر سٽيبازي نه هجڻ گهرجي، جيڪڏهن تعميري ڪم ٿيندو ته حڪومت تعاون ڪندي.
