راولپنڊي/لاهور(م ڊ) جي ايڇ ڪيو راولپنڊيءَ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان برطانوي فوج جي سک آفيسرن ملاقات ڪئي، جنهن دوران اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان ۾ سمورن مذهبن جو احترام آهي، ملڪ ۾ مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت کي تسليم ڪيون ٿا، ڪرتارپور راهداري پاڪستان جي مذهبي آزادي ۽ هم آهنگي جي لاءِ اسان جي عزم جو عملي مظهر آهي، سڀني مذهبن جو احترام ڪيو وڃي ٿو، هوڏانهن برطانوي فوج جي سک آفيسرن لاهور ۾ شاهي قلعي، بادشاهي مسجد ۽ ٻين هنڌن جو دورو ڪيو، کين هنڌن کان آگاهي ڏني وئي، سک آفيسرن لاهور ۾ جھنڊو لاهڻ جي تقريب پڻ ڏٺي، ان موقعي تي سک آفيسرن جو چوڻ هو ته پاڪستان جا تاريخي هنڌ گهمڻ تي تمام گھڻو مزو آيو آهي،
117