ڪراچي (رپورٽ: وحيد ميمڻ) سنڌ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس لاءِ چين کان وڌيڪ 100 بسون ڪراچي بندرگاھ تي پهچي ويون، اطلاعات ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي روٽ 2 تي به پهرين جولاءِ کان ڳاڙهيون بسون ڊوڙندي نظر اينديون. بيان ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن پيپلز بس سروس جي روٽ ون جو آغاز ٿي ويو آهي. انشاءَ الله پهرين جولائي کان روٽ 2 تي به ڳاڙهيون بسون ڊوڙندي نظر اينديون، جڏهن ته ٻن مهينن جي اندر ڪراچي جي سمورن ستن روٽس تي بسون هلايون وينديون. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي جي شهرين سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ طرف تيزي سان وڌي رهي آهي. پيپلز بس سروس جي آغاز کانپوءِ تمام جلد اورنگي جي شهرين جي لاءِ اورينج لائن جو به آغاز ڪيو ويندو. پيپلز بس سروس جون ڪل 240 بسون ڪراچي پهچي چڪيون آهن. هن چيو ته ڪراچي جي شهرين سان واعدو آهي ته هڪ ٻن سالن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هزارين بسون آڻيندي، چين ۽ ترڪي جي ٻن ڪمپنين سان ڪراچي ۾ بسن جي مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ بابت اڳڀرائي ٿي آهي. صوبائي وزير چيو ته بسن جو ڪريڊٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ کي وڃي ٿو. هن چيو ته ڪراچي جا شهري پيپلز بس سروس کي ڪامياب ڪن ۽ ان جي حفاظت ڪن. ٻئي پاسي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چڱو ڀلو منافعو ڪمائڻ جي باوجود ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي نيٽ ورڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن چيو ته اهڙي ئي ريت حيسڪو ۽ سيپڪو جي ڪارڪردگي آهي. بجلي جا ادارا عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن. اها ڳالھ هن هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سامهون ڪافي ڀيرا ان معاملي کي اٿاريو آهي. هن چيو ته هيسڪو ۽ سيپڪو غير آئيني ڪم ڪري رهيا آهن. ڪنهن هڪ شخص جي سزا پوري پاڙي يا علائقي کي ڏني ويندي آهي پوري علائقي جي بجلي ڪاٽي ويندي آهي. جنهن جي آئين ۽ قانون اجازت نٿو ڏئي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو بجلي جو بل ادا نٿو ڪري ته ان شخص جي بجلي ڪٽي وڃي پر هتي پورا پاڙا ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ بجلي کان محروم ڪيا ويندا آهن صوبائي وزير چيو ته هي انهن بجلي جي ادارن جي نااهلي آهي پر سزا عوام کي ڏني ويندي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ بجلي جو سنگين مسئلو آهي جيڪڏهن ماڻهو رات جو سمهندا نه ته صبح جو ڪم ۽ مزدوري تي ڪيئن ويندا. هن چيو ته سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن، دادو، جيڪب آباد ۽ نواب شاھ ۾ گرمي پد 48 سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي اتي حال اهو آهي جو بجلي 16،16 ۽ 18، 18 ڪلاڪ بند رهندي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيدرآباد رورل سندس تڪ آهي جتي هر پنجن منٽن ۾ بجلي ايندي آهي ۽ پنجن منٽن ۾ بند ٿي ويندي آهي. هن چيو ته هاڻ بجلي جي ادارن کي بهتر ٿيڻ گھرجي جڏهن ته بجلي جا گھ به وڌي رهيا آهن. هن چيو ته اها انهن ادارن جي نااهلي آهي پنهنجي سسٽم کي صحيح ناهين ڪرائيندا ۽ سزا عوام کي ڏيندا آهن.
166