پي ٽي آءِ پاڪستان تحريڪ انصاف نظرياتي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون
پاڪستان تحريڪ انصاف 8 فيبروري تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن کي پاڪستان تحريڪ انصاف جون نظرياتي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون آهن. گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ پنهنجي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو هو. جڏهن ته هاڻي پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي نظرياتي اميدوارن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن |