لاهور ( م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پي ٽي آءِ جي 25باغين جا ووٽ ڪڍي ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صداقت علي خان جي سربراهي ۾ 5 ڄڻن واري لارجر بينچ خميس ڏينهن به پي ٽي آءِ، ق ليگ ۽ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي پرويز الاهي جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. لارجر بينچ ۾ جسٽس صداقت علي خان کانسواءِ جسٽس شهرام سرور چوڌري، جسٽس ساجد محمود سيٺي، جسٽس طارق سليم شيخ ۽ جسٽس شاهد جميل خان شامل هئا. بينچ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ چئن ججن پنجاب جي وڏي وزير جي اليڪشن خلاف تحريڪ انصاف جون درخواستون منظور ڪري متفقه فيصلو ٻڌايو. جڏهن ته جسٽس ساجد محمود سيٺي چئن ججز جي ڪجهه نقطن سان اختلاف ڪيو. عدالت حڪم ڏنو آهي ته پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرز جا 25 ووٽ ڪڍي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ جنهن جي اڪثريت ٿيندي اهو کٽي ويندو. لاهور هاءِ ڪورٽ درخواستن تي لکت ۾ حڪم جاري ڪيو ، جنهن ۾چيو ويو آهي ته نئين سر چونڊن جو حڪم نه ٿو ڏئي سگهجي، ٻيهر اليڪشن جو حڪم سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٿيندو. اسان پرزائيڊنگ آفيسر جي نوٽيفڪيشن کي رد نه ٿا چئي سگهون، عدالت پريزائيڊنگ آفيسر جو ڪردار ادا نه ٿي ڪري سگهي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته باغي ميمبرز جا 25 ووٽ ڪڍي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي، ٻيهر ڳڻپ ۾ جنهن جي گهربل اڪثريت ثابت ٿئي اهو کٽي ويندو، جيڪڏهن ڪنهن کي گهربل اڪثريت نه ٿي ملي ته آرٽيڪل 130 چار هيٺ وڏي وزير جي بيهر چونڊ ٿيندي. 25 ووٽ ڪڍڻ کان پوءِ اڪثريت نه ملڻ تي حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير نه رهندو.حڪم نامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گورنر پنجاب پهرين جولاءِ تي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڏائي، پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اليڪشن ٿيڻ تائين ملتوي نه ڪيو ويندو، اليڪشن عمل مڪمل ٿين کان پوءِ نئين چونڊيل وڏي وزير جي حلف برداري جي تقريب ٻه جولاءِ تي ڪئي وڃي. حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وڏي وزير وزير جي قسم کڻڻ خلاف اپيلون اڪلائيون وڃن ٿيون، جنهن جا سبب پوءِ جاري ڪيا ويندا. فيصلي ۾جسٽس ساجد محمود سيٺي اختلافي نوٽ لکيو. اختلافي نوٽ ۾ جسٽس ساجد محمود سيٺي ميڊيا جي رپورٽنگ جي ساراهه ڪئي، سندس چوڻ هو ته ميڊيا پروفيشنل رپورٽنگ ڪئي، ڪجهه وي لاگرز ڪيس کي اسڪينڊلائز ڪيو، پيمرا ۽ ايف آءِ اي اسڪينڊلائز ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري. جسٽس ساجد محمود سيٺي اختلافي نوٽ ۾ حمزه شهباز جي ڪاميابي رد ڪري ڇڏي، جسٽس ساجد محمود سيٺي عثمان بوزدار کي بحال ڪرڻ جو نوٽ پڻ لکيو. ٻي پاسي عدالت جي حڪم کان پوءِ پنجاب اسيمبليءَ جي سيڪريٽريٽ وڏي وزير جي ووٽن جي ڳڻپ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب اسيمبليءَ جو اجلاس پهرين جولائي تي شام 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. ان اجلاس لاءِ اخلاقي ضابطا پڻ جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ميمبرن جي مهمانن کي اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. جڏهن ته رڳو ميڊيا گيلري ۾ صحافي موجود رهي سگهندا.
309