اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) تيل جي اگهن ۾ واڌ لاڳيتو جاري آهي. وفاقي حڪومت پيٽرول جو اگهه اڍائي سئو ۽ ڊيزل پوڻا ٽي سئو رپيا في لٽر ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت پيٽروليم جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ ڪري ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت پيٽروليم تي ليوي سان گڏ ٽئڪس پڻ وڌائي ڇڏيو آهي. حڪومت رات دير سان في لٽر پيٽرول 14 روپيا 85 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 13 روپيا 23 پئسا، لائٽ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 18 روپيا 68 پئسا ۽ گاسليٽ 18 روپيا 83 پئسا مهانگو ڪري ڇڏيو. 14 روپيا 85 پئسا واڌ کان پوءِ پيٽرول جو اگهه وڌي 248 روپيا 74 پئسا في لٽر ، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 13 روپيا 23 پئسا واڌ کان پوءِ 276 روپيا 54 پئسا، لائٽ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 18 روپيا 68 پئسا وڌڻ کان پوءِ 226 روپيا 15 پئسا ۽ گاسليٽ 18 روپيا 83 پئسا وڌڻ کان پوءِ 230 روپيا 26 پئسا في لٽر ٿي ويو آهي. پيٽروليم جي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ رات 12 وڳي کان ئي عمل پڻ شروع ٿي ويو. رات دير سان ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيٽروليم جي اگهن ۾ عالمي سطح تي واڌ ٿي وئي آهي، اسان آءِ ايم ايف سان عمران خان واري حڪومت جي ڪيل معاهدي کي ئي بحال ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو هو ته هرمهيني پيٽرول ليوي وڌائي ويندي. آءِ ايم ايف سان سٺي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ اسين چڱن نتيجن ڏانهن وڌي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ايف بي آر پنهنجي هدف کان وڌيڪ ٽئڪس اوڳاڙي ڪئي.
