10 ڏينهن انتهائي اهم، منظور وساڻ وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي
خيرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته 10 ڏينهن اهم آهن، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو پر اهو طئي آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون.سياسي اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور منظور وساڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته چونڊون وقت تي ٿينديون پر 10 ڏينهن اهم آهن، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ججن جي استعيفيٰ جو عمل مستقبل لاءِ سٺو نه هوندو، احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي ۽ سڀ ڏسي رهيا آهن ته احتساب ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ن ليگ اڳ جيان مقبول ناهي رهي، جڏهن ته ٻين جماعتن جي ناراض ماڻهن جي اچڻ سان پ پ کي فائدو ٿي رهيو آهي. منظور وساڻ چيو ته وزارت عظميٰ لاءِ اڳ ۾ مقابلو سخت نظر اچي رهيو هو پر هاڻ نه، هاڻ صورتحال بلاول ڀٽو جي حق ۾ پئي وڃي، عوام جي خواهش آهي ته هاڻ نوجوان اڳتي اچن. |