بئريسٽر گوهر گهر تي حملي جو چئي عدالت مان هليو ويو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران بئريسٽر گوهر عدالت ۾ چيو ته هاڻ مون کي خبر ملي آهي ته منهنجي فيملي تي حملو ٿيو آهي، ان کانپوءِ هو عدالت مان روانو ٿي ويو.بئريسٽر گوهر، علي ظفر سان گفتگو ۾ چيو ته منهنجي پٽ ۽ ڀائٽي کي ماريو پيو وڃي، هاڻ مون کي پتو پيو آهي ته منهنجي فيملي تي حملو ٿيو آهي، هاڻ گهران خبر پئي آهي ته 4 گاڏيون آيون هيون، ڪمپيوٽر کنيو ويو، منهنجي پٽ ۽ ڀائٽي کي ماريو پيو وڃي. ان تي چيف جسٽس چيو ته جيڪو به ٿيو آهي ائين نه ٿيڻ گهرجي ها، چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کي روسٽرم تي گهرايو ۽ چيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل صاحب، جيڪڏهن ائين ٿيو آهي ته نه ٿيڻ گهرجي ها، ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته مان ڏسان ٿو. پوءِ بئريسٽر گوهر سپريم ڪورٽ ۾ واپس آيو ته چيف جسٽس سوال ڪيو گوهر صاحب ڇا پوزيشن آهي؟ جنهن تي هن چيو ته حالتون تمام سنگين آهن، چار گاڏين ۾ ماڻهو منهنجي گهر آيا، ڪنهن تي اعتماد ناهي، عدالت کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڇا ٿيو. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته هاڻ ئي معاملي کي طئي ڪيو، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سان ڳالهه ٿي آهي، اهي پتو ڪري رهيا آهن ته ڇا ٿيو آهي. چيف جسٽس بئريسٽر گوهر کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته اڳ ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي ٻڌايو، جيڪڏهن ڳالهه نه ٻڌي وڃي ته عدالت کي آگاهه ڪيو، ان تي بئريسٽر گوهر چيو هاڻ ته حد پار ٿي وئي آهي. چيف جسٽس جواب ڏنو اسان ايس ايڇ او ته ناهيون، جيڪڏهن ان معاملي کي حل نه ڪري سگهون ته توهان اسان کي چئجو. |