746

ايران پاڪستاني حدن ۾ حملو ڪري غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو: اڳوڻا سفير

ايران پاڪستاني حدن ۾ حملو ڪري غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو: اڳوڻا سفير

 ايران پاڪستان جي خودمختياري کي چئلينج ڪيو جيڪو عمل برداشت جوڳو ناهي: عبدالباسط

پاڪستان ايران کي سوچي سمجهي جواب ڏنو، ايران طرفان حملي جي اميد نه هئي: شيري رحمان

ٻنهي ملڪن جي حڪومت کي هاڻي اعليٰ سطحي رابطو ڪرڻ گهرجي: اعزاز چوڌري

اسلام آباد: اڳوڻي سفير عبدالباسط چيو آهي ته ايران پاڪستاني حدن ۾ حملو ڪري غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو، ايران پاڪستان جي خودمختياري کي چيلينج ڪيو، جنهن کانپوءِ عوام ۾ سخت ڪاوڙ آهي، هن وڌيڪ چيو ته ايراني پرڏيهي وزير بلوچستان ۾ ڪارروائي جي پويان دليل پيش ڪيو ته اسان دهشتگردن تي حملو ڪيو جيڪي ايران دشمن هئا، مسئلو دهشتگردن تي حملي جو نه پر معاملو پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي جو آهي، پاڪستاني فورسز جواب ڏنو ته اسان جي فوجن وٽ به جواب ڏيڻ جي طاقت آهي، اڳوڻي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ايران کي سفارتڪاري ذريعي مسئلو حل ڪرڻ گهرجي، پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو ته پاڪستان ايران کي تمام سوچي سمجهي جواب ڏنو، شيري رحمان چيو ته پاڪستان ۽ ايران سرحد تي ڪيترن ئي سالن کان اهڙا معاملا ٿيندا رهيا آهن، شيري رحمان چيو ته ايران کي ڪو خدشو هجي ها ته پاڪستان کي آگاهه ڪري ها، ايران جو پاڪستان جي خودمختياري تي حملي اميد نه هئي، پاڪستان ايران کي سوچي سمجهي جواب ڏنو آهي، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته بهتر ٿيندو ته ٻئي ملڪ اهڙي قسم جي تڪرار کي اڳتي وڌڻ نه ڏين ڇو ته پاڪستان جا ايران سان پراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن کي پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪرڻ گهرجن، اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ايران کي جواب ڏئي ثابت ڪيو ته اسان به ائين ڪرڻ جي قابل آهيون، پاڪستان ۽ ايران جي حڪومت کي هاڻي اعليٰ سطحي رابطو ڪرڻ گهرجي، اعزاز چوڌري چيو ته ايران طرفان حملي کانپوءِ پاڪستان صبر کان ڪم ورتو، ايراني حڪومت کي حملي جي 24 ڪلاڪن اندر صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ بيان ڏيڻ گهرجي ها پر ايراني پرڏيهي وزير ان جي ابتڙ اهڙو جواب ڏنو جنهن سان صورتحال خراب ٿي وئي

ڄاڻيو هن رپورٽ ۾

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو