149

پنجاب جي وڏي وزير جي ٻيهر چونڊ 22 جولاءِ تي ٿيندي، عمران خان حمزه شهباز کي17 جولائي تائين وقتي وڏو وزير مڃڻ لاءِ تيار

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي ٻيهر چونڊ 22 جولاءِ تي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي عدالت اهڙو حڪم ڌرين جو اتفاق ٿيڻ کان پوءِ جاري ڪيو. جڏهن ته عمران خان حمزه شهباز کي17 جولائي تائين وقتي وڏو وزير مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هڪ ڏينهن اڳ  لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ 25 باغي ميمبرن جا ووٽ ڪڍي ووٽن جي ٻيهر  ڳڻپ ڪرڻ ۽ گهربل ووٽ پورا نه ٿيڻ تي آئين موجب جمع تي ( ڪالهه )  ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏنو هو. پر پي ٽي آءِ تڪڙي چونڊ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، جنهن تي جمع ڏينهن سپريم ڪورٽ ٻڌڻي پڻ ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت تي ڳالهيون ڪرڻ آسان آهي، جج جواب نهٿا ڏئي سگهن، حڪومتي بينچن کي اپوزيشن جو احترام ڪرڻو پوندو، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن نه هجڻ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، توهين عدالت جو اختيار استعمال ڪريون ته توهان جي روز هتي حاضري لڳي، ڪيس جو لکت حڪم نامو پوءِ جاري ڪنداسين. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ ٻه آپشن ڏنا  ته يا ٻن ڏينهن ۾ وڏي وزير جي نئين چونڊ ڪرائي وڃي يا وري حمزه شهباز 17 جولاءِ تائين وڏو وزير رهي. چيف جسٽس چيو ته اهي ئي ٻه آپشن آهن، يا حمزهکي وڏو وزير تسليم ڪرڻو پوندو يا وري ٻن ڏينهن ۾ ٻيهر اليڪشن ٿيندي، وٺ پڪڙ نه ٿيندي، اهي حڪم اسان جاري ڪنداسين. ٻڌڻي دوران پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو ته حمزه شهباز کي نگران وزيراعظم رهڻو آهي ته پنهنجو اختيار طئي ڪري، هي ته بادشاهه ٿي ويندو آهي. چيف جسٽس چيو ان مسئلي جو قانوني حل ڪڍنداسين، خبر آ ته هڪ ڏينهن جو وقت تمام گهٽ آهي، قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته عدالتون موجود آهن. تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته اسان جي جماعت جو ق ليگ سان اتحاد آهي، مان پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سبطين خان جو نمائندو آهيان، اسان تجويز تي راضي نه آهيون. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته پنجاب 7 ڏينهن وڏي وزير کان سواءِ رهي؟ موجوده وڏي وزير جو مسئلو اهو آهي ته سندس چونڊ صحيح نه ٿي، وڏو وزير نه هجي ته صوبي جو انتظام ڪير هلائيندو؟ چيف جسٽس چيو ته پرويز الاهي وڏي وزير جو اميدوار آهي، جڏهن ان کي شهباز شريف جي نگران وڏي وزير ٿيڻ تي اعتراض نه آهي ته پي ٽي آءِ کي ڪهڙو مسئلو آهي؟ بينچ جي ميمبر جسٽس اعجاز الاحسن چيو توهان ته رڳو 7 ڏينهن گهريا هئا، توهان کي هاڻ ته وڌيڪ وقت ملي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته پنهنجي درخواست پڙهو، توهان اپيل ڪهڙي ڪئي آهي؟ بابر اعواڻ چيو ته وڏي وزير کي هٽائڻ جي اپيل به ڪئي آهي، حمزه شهباز کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿا ڪري سگهون.  ٻڌڻي جي ساهي دوران پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم عمران وٽ پهچي ان کي ٻڌڻي جو احوال ڏنو ۽ ان سان مشاورت پڻ ڪئي. جنهن کان پوءِ ٻڌڻي شروع ٿي ته پي ٽي اءِ جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان حمزه شهباز کي 17 جولاءِ تائين قائم مقام وڏو وزير تسليم ڪري ورتو آهي، عمران خان چيو آهي ته آءِ جي پوليس قانون جي پاسداري ڪري، عمران خان چيو آهي ته پنجاب اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف سيڪريٽري قانون جي پاسداري ڪن، عمران خان چيو آهي ته عوامي فنڊ انهن تڪن ۾ استعمال نه ڪيو ويندو جن تي ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي.  ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته ضمني چونڊن ۽ مخصوص سيٽن جي نوٽيفڪيشن تائين حمزه شهباز  وڏي وزير  طور قبول آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته جيڪڏهن پنجاب جي ضمني چونڊن جي شفافيت تي خدشا آهن ته اليڪشن ڪميشن کي چئون ٿا ته ضابطه ءِ اخلاق تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ جي وڪيل امتياز صديقي چيو ته اتفاق راءِ ٿي ويو آهي، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب سان ڳالهه ڪئي آهي. چيف جسٽس چيو الله جو شڪر آهي ته ٻن مخالف گروپن ۾ اتفاق ٿيو آهي. امتياز صديقي چيو پنجاب حڪومت تيار آهي ته ٻيهر چونڊ ننڍي چونڊ جي ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ٿئي، حمزه شهباز تيستائين وڏو وزير رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو