183

ڄامشورو جي ڳوٺ قادن شورو ۾ سماجي تنظيم پاران ٻوٽن جو ڏهاڙو ملهايو ويو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سماجي تنظيم پاران ڄامشورو جي ڳوٺ قادن شورو ۾ ٻوٽن جو ڏهاڙو ملهايو ويو. سماجي تنظيم ٿرديپ جي فيلڊ يونٽ ڪوٽڙي پاران ڳوٺ قادن شورو ۾ ٽري پلانٽيشن ڊي جي موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ذوالفقار علي ميمڻ، ٿرديپ ضلعي ڄامشورو جي مئينجر نسرين خان، سب ڊويزن فاريسٽ آفيسر ذيشان علي ڀنڀرو، رينج فاريسٽ آفيسر مصطفيٰ سعيد سومرو، فوزيه سولنگي، ڪشور ڪمار،  نظيران ۽  ٻين ڳوٺ جي مختلف هنڌن تي ٻوٽا پوکيا. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ذوالفقار علي ميمڻ ۽ ٿرديپ ضلعي ڄامشورو جي مئينجر نسرين خان جو چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ ماحولياتي مسئلو، اهم مسئلو بڻيل آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ ٻوٽا لڳائڻ ضروري آهي، سنڌ ۾ وڻ لڳائڻ بدران وڻن جي واڍي عروج تي پهتل آهي، جيڪا انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه آهي. هنن چيو ته اسان سڀني کي پنهنجو ماحول خوبصورت بنائڻ لاءِ وڻڪاري مهم نه رڳو هلائڻي پوندي، پر پوکيل سمورن ٻوٽن ۽ وڻن جي سٺي نموني سار سنڀال لهي پنهنجو قومي فرض ادا ڪرڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو