124

جيڪب آباد جو سخي مرد حاجي شير محمد مغيري

ليکڪ: اي ڊي کوکر

اسان جي سنڌ سدائين پيرن، فقيرن، صوفي درويشن سان گڏ انيڪ سخي ۽ سماجي اڳواڻن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي سدائين انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا رھيا آھن ۽ اڄ به سنڌ ۾ اھڙا انيڪ ماڻھو موجود آھن جيڪي انسان ذات جي مدد سان گڏ انھن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا رھن ٿا، اهڙن سخي مردن مان ضلعي جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ حاجي شير محمد مغيري به ھڪ آهي. ھن مھانگائي واري دور ۾ جتي ڀاءُ به ڀاءُ لاءِ پنھنجا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن، اھڙي دور ۾ ھن سخي مرد سماجي اڳواڻ جو دروازو ھر ڪنهن لاءِ کليل ھوندو آھي، ڀلي اهو ھن جو ڪراچي وارو بنگلو ھجي يا جيڪب آباد وارو ھجي، ھن مرد مجاهد ذات پات کان ھٽي ھرھڪ لاءِ پنھنجا دروازا کولي ڇڏيا آهن جتي سندس موجود ھجڻ وقت ماڻھن جو وڏي تعداد ۾ اچڻ ٿئي ٿو ۽ اتي ايندڙ هر واقف توڙي اڻ واقف ماڻھن سان هو نه فقط ملاقات ڪري ٿو پر انھن سان حال احوال ڪري انھن جا مسئلا ٻڌي فوري طور تي حل ڪري ٿو يا ڪرائي ٿو. حاجي شير محمد مغيري کي جيڪڏهن جيڪب آباد جو ايڌي چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. سنڌ اندر مھا ٻوڏ هجي يا ڪورونا لاڪ ڊائون، جمالي واهه کي لڳل گهارو هجي يا بجليءَ جا سڙيل ٽرانسفارمر هجن، حاجي شير محمد مغيري هر مرحلي ۽ مسئلي تي جيڪب آباد واسين جي دل کولي مدد ڪئي ۽ ھڙان وڙان کين کاڌ خوراڪ سان گڏ ٻي روزمرهه جي ضرورت جو سامان در تي پھچايو. جيڪب آباد جون ڀڳل ٽٽل گھٽيون ھجن يا ڪو ٻيو مسئلو هجي، اھو حاجي شير مغيري پنھنجو فرض سمجھي پنھنجي مدد پاڻ ٺھرائي ٿو. جيڪب آباد شھر اندر ڪنھن به پاڙي ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر خراب ٿئي ٿو ته رھواسي چونڊيل نمائندن وٽ وڃڻ بدران مغيري ھائوس پھچن ٿا، جتي سندن مسئلو ڪجهه ڪلاڪن ۾ حل ٿيو وڃي، اھو ئي سبب آھي ته ھاڻ خلق خدا چوڻ شروع ڪيو آهي ته حاجي شير محمد مغيري کي سياست ۾ حصو وٺڻ گھرجي، عوام جي خواھش آھي ته هن جھڙا سماجي اڳواڻ سنڌ اسيمبليءَ اندر ھجڻ گھرجن ته جيئن عوام کي اڃان وڌيڪ سهولتون ملي سگھن. جيئن ته حاجي شير محمد مغيري پاڻ ھڪ انجينئر پڻ آھي، ان ڪري جيڪب آباد شھر کي جديد ترين شھر ٺاھڻ لاءِ هن وٽ بھترين پروگرام موجود آهن. سندس چوڻ آهي ته جيڪب آباد شھر جي ھر گھٽي توڙي مين روڊ ۾ سڀ کان پهريان واٽر سپلاءِ، ڊرينيج، سئي گئس ۽ ٽيلي فون لائن وڇائڻ بعد سمورا روڊ تعمير ڪرايا وڃن ته جيئن پاڻي جي نيڪال، سئي گئس يا ٽيليفون لائين لاءِ روڊن کي هر هر ٽوڙڻو نه پوي. جيڪب آباد جي ايڌي حاجي شير محمد مغيري وٽ جيڪو به ضرورتمند يا مريض مدد لاءِ آيو آهي يا ھن کي خبر پئي آهي ته ھن خدا ترس انسان ان مريض جي ترت علاج لاءِ دل کولي مدد ڪئي آهي، پر ان جي ڪڏهن به تشھير نه ڪئي آهي، ان سان گڏ غريب ماڻهن کي اسپتال کان گهر پھچائڻ لاءِ جيڪب آباد شھر اندر پنھنجي مرحوم ڀاءُ فيصل خان مغيري جي نالي سان مفت ايمبولينس سروس پڻ شروع ڪئي آھي، جتي غريب ماڻهن لاءِ 24 ڪلاڪ  ايمبولينسز موجود ھجن ٿيون، جڏھن ته ھندو برادري لاءِ پڻ ھڪ الڳ ايمبولينس ڏنل آهي، جڏھن ته جيڪب آباد شھر اندر غريب ۽ مسڪين ٻارن لاءِ سندس مدد سان مفت ٽيوشن سينٽر پڻ ھلندڙ آهن، جتي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مفت تعليم، مفت ڪتابن سان گڏ مفت يونيفارم پڻ مھيا ڪيا ويندا آهن. حاجي شير محمد مغيري جهڙن ڪردارن کي سچ ته اِهو آهي ته ڪنهن تشهير جي ضرورت به نه آهي، ڇو ته هِي خدا جا اهڙا فقير بندا آهن جن ڪڏهن به من ۾ ڪا لالچ يا خواهش رکي ماڻهن جي مدد ناهي ڪئي، بس اهي پنهنجي من جي تسلي، دل جي راحت ۽ روح جي تسڪين لاءِ اهڙا ڪم ڪري خدا جي رضامنديءَ لاءِ هروقت دعاڳو هوندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو