96

پاڪستان آءِ ايم ايف جا اڪثر شرط مڃي ورتا، مهانگائي جو نئون طوفان عوام تي ڪڙڪندو. آءِ ايم ايف پاران ناڻي واري وازرت جي موجوده پلان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آءِ ايم ايف جا اڪثر شرط مڃي ورتا، مهانگائي  جو نئون طوفان عوام تي ڪڙڪندو، ناڻي واري وزارت جي  ذريعن موجب قرض  پروگرام جي بحالي لاءِ پاڪستان کي نون شرطن  تي عمل درآمد  ڪرڻو پوندو، قرض پروگرام بحالي جو حتمي  اعلان آءِ ايم ايف بورڊ ڪندو، پاڪستان ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻندو، نجڪاري پروگرام تي عمل درآمد يقيني بڻائڻو پوندو، پاور سيڪٽر سڌارن بابت شرطن تي عمل درآمد پڻ ڪرڻو پوندو، ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف ناڻي واري وازرت جي موجوده پلان کي تسليم ڪرڻ  کان انڪار ڪري ڇڏيو، معاشي ٽارگيٽ تي نظر ثاني  ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، وياج جي شرح وڌائڻ ۽ ڊالر جو مارڪيٽ ريٽ مقرر ڪرڻ جو به شرط لاڳو ڪيو ويو، انهن سمورن شرطن مان پاڪستان اڪثر شرط مڃي ورتا آهن، آءِ  ايم ايف جا سمورا شرط مڃڻ کانپوءِ ئي قرض پروگرام بحال ڪيو ويندو، ان جو اعلان به آءِ ايم ايف بورڊ ڪندو،  قرض منظور ٿيندي ئي پاڪستان ۾ مهانگائي جو نئون طوفان عوام تي ڪڙڪي پوندو، ناڻي واري وزايرت جي ترجمان چيو آهي ته اهي ڳالهيون غلط آهن ته آءِ ايم ايف قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اسان جو وفد  ساڻن ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ڪوشش آهي  ته جلد اهو مرحول  مڪمل ٿي وڃي، هن چيو ته جيئن ئي  ڳالهيون  مڪمل ٿينديون ته پڌرنامو جاري ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو