ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته هر پوليس اسٽيشن ۾ گم ٿيل ماڻهن ۽ اڻڄاتل لاشن جو رڪارڊ رکيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهه لطيف جي علائقي مان گم ٿيل شهري جي بازيابي بابت درخواست اڪلائيندي جاچ آفيسر کي لاڳاپيل مئجسٽريٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته جڊيشل مئجسٽريٽ گم ٿيل شهري جي بازيابي کي يقيني بڻائيندو ۽ هر هفتي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندو، عدالت سنڌ جي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي عدالتي حڪمن تي عمل يقيني بڻائڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو.
10