اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جو ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته مظاهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پرامن احتجاج ڪن ۽ تشدد کان پاسو ڪن، امن امان برقرار رکندي پاڪستاني قانون ۽ آئين جي احترام کي يقيني بڻايو وڃي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ هو ته پاڪستاني اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته انساني حقن ۽ بنيادي آزادي جو احترام ڪيو وڃي، آمريڪا پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ راءِ جي اظهار جي آزادي ۽ پرامن احتجاج جو حامي آهي.
10