194

پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو، گهر ۾ ويهي سرگرميون جاري رکڻ جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به عالمي وبا ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن جي ورتل ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي،  ميڊيا رپورٽ مطابق پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ آئيسوليٽ ڪيو آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بيماري جون معمولي علامتون آهن پنهنجي رهائشگاهه تان پنهنجو تنظيمي ڪم جاري رکندس ۽ پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي موقعي تي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندس، بلاول ڀٽو زرداري جيالن کي پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي موقعي تي تيارين سان گڏ ماسڪ جو پڻ اهتمام ڪرڻ  ۽ ڪارڪنن کي ماسڪ پائي اچڻ جو چيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو