حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني عورت ڊاڪٽر جرمني جو اعليٰ سائنسي تحقيقي ايوارڊ حاصل ڪري ورتو آهي، عالمي شهريت يافته جرمني جي مشهور تحقيقي سوسائٽي ميڪس پلانڪ سان لاڳاپيل پاڪستان ڄائي ڊاڪٽر آصفه اختر جرمني جو سائنسي تحقيق جو اعليٰ ترين ايوارڊ ”دي لبنائز 2021“ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ڊاڪٽر آصفه اختر کي بنيادي حياتياتي سيل ۽ ايپي جينيٽڪس جين ريگوليشن واري طريقيڪار متعلق تجربن ۽ معلومات فراهم ڪرڻ تي اهو ايوارڊ ۽ 2.5 ميلن يورو جي انعام واري رقم سان نوازيو ويو آهي، ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ ڊاڪٽر آصفه اختر هن وقت پهرئين عورت آهي جيڪا عالمي سطح جي ميڪس پلانڪ سوسائٽي جي حياتيات ۽ ميڊيسن واري شعبي ۾ نائب صدر جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. ڊاڪٽر آصفه اختر انهن 10 سائنسدانن جي فهرست م شامل آهي جن کي 2021ع ۾ منعقد ٿيندڙ ورچوئل تقريب ۾ اهم ايوارڊ سان نوازيو ويندو.
215