127

افغانستان جي مختلف شهرن ۾ بم ڌماڪا، 13 ڄڻا مارجي ويا، 42 زخمي ٿي پيا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي مختلف شهرن ۾ ٿيل بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 42 ڄڻا زخمي ٿي پيا، افغانستان جي گهرو وزارت موجب پهريون ڌماڪو صوبي زابل ۾ ٿيو جتي مسافر بس رستي جي ڪناري لڳل بم سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 مسافر فوت جڏهن ته ٻيو ڌماڪو پروان صوبي ۾ ٿيو، جتي هڪ ٻي بس رستي جي ڪناري بم سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 9زخمي ٿي پيا، رپورٽ مطابق زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڌماڪن کانپوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي، چيڪنگ جو عمل جاري آهي،  ٻنهي بم ڌماڪن ۾ طالبان ملوث آهن، پر طالبان اڃان تائين ان جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو