206

اهلڪار هٿيار ۽ بڪتربند گاڏيون ناڪاره هجڻ سبب شهيد پيا ٿين: هاءِ ڪورٽ

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ تي ٻڌل عدالت گهوٽڪي ۾ قتل ڪيل ممتاز ڇڄڻ جي پٽ امتياز ڇڄڻ پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي گهوٽڪي پوليس ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي ڄاڻايو ته ڌاڙيلن خلاف 60 ڪيس داخل ڪيا آهن، عدالت رپورٽ رد ڪري ڇڏيو، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ رمارڪس ڏنا ته ڌاڙيلن خلاف ڪهڙي وڏي ڪارروائي ڪئي آهي، پوليس آفيسر اهلڪارن کي ناڪارا هٿيار ۽ بڪتربند گاڏيون آپريشن لاءِ موڪلي رهيا آهن، جنهن ڪري اهلڪار شهيد ٿي رهيا آهن، هن رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت ڇا پئي ڪري؟ رينجرز کي پگهار سنڌ حڪومت ڏئي پئي ته پوءِ انهن کان ڪم به وٺي، عدالت 4 جون تي ايس ايس پي گهوٽڪي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو