ڪنري (ويب ڊيسڪ) پاڻي بابت قومي اسيمبلي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ پ پ پ جي ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر چيو ته سنڌ تباهه، بنجر ۽ ويران ٿئي پئي، سنڌ سان زيادتي آھي، بلاول ڀٽو کي گذارش آھي ته سنڌ پنجاب جي بارڊر تي ڌرڻي جي تياري ڪن، اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪنري جي سندس ڳوٺ مانجھاڪر ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو، پ پ پ ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر چيو ته سنڌ جو پاڻي گھٽائي سنڌ کي تباھ ۽ بنجر بڻايو ويو آھي، 91 جي ٺاهه تي پاڻي ورھاست تي عمل ڪرايو وڃي، سنڌ کي 15 کان 17 سيڪڙو پاڻي گھٽ ڏنو پيو وڃي، جيڪا وڏي زيادتي آھي، سنڌ ويران ۽ بنجر بڻجي رھي آھي، اسان کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي، پاڻي ورھاست ۾ وڏي بد ديانتي ڪئي پئي وڃي، سنڌ اندر پاڻي جي ورھاست تي افسوس آھي، جئين پنجاب منڍ ۾ آھي ۽ پاڻي مڪمل کڻي ٿو، اسان وٽ شاخن ۽ واھن ۽ بئراجن تي اهائي صورتحال آھي ته جيڪي منڍ وارا پاڻي مڪمل کڻن ٿا ۽ پوڇڙي وارا سوڪ کي منھن ڏين ٿا، سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ نمائندا پاڻي جي ورھاست بھتر ڪرائن ته جئين ڪنھن جو حق نه مارجي، نواب يوسف چيو ته مون وزيراعظم کي خط به لکيو آھي پر ان وقت سنڌ جو نمائندو ۽ ارسا ڇو خاموش ھئي، جڏھن فيبروري ۾ پاڻي کُليو ۽ پاڻي جي ضرورت ھوندي آھي.، مارچ مھيني ۾ تربيلا ۾ ھڪ ملين ايڪٽر پاڻي گڏ ٿيندو آھي، اهو به پاڻي بجلي جي استعمال ۾ ختم ڪري ڇڏيو، ھاڻ جڏھن پاڻي ٺھي تيستائين تربيلا ڊيڍ ليول تي آھي، پاڻي جي کوٽ برابري جي بنياد تي ھئڻ کپي، فيصلو ٿيڻ کپي ته تربيلا جو پاڻي مارچ مھيني ۾ ڇو نڪتو، غير ذميوارن خلاف ايڪشن ٿيڻ کپي، ٻيو اهو ته سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي پيو اهو گھٽ ڇو ملي پيو، پ پ پ ايم اين اي جو چوڻ ھو ته پارٽي چيئرمين بلاول کي تجويز ڏني آھي ته سنڌ پنجاب جي بارڊر تي اوٻاوڙو وٽ تاريخي ڌرڻو ھنيو وڃي. جھڙي ريت بينظير ڀٽو ڪالا باغ ڊيم خلاف ڌرڻو ھنيو ھو، چيئرمين به ڌرڻي جي تياري ڪري، ڌرڻي جي باوجود به 91 ٺاھ جي فيصلي تي نٿا اچن تي پوءِ ٻيا آپشن موجود آھن ۽ ان سان سنڌ پنجاب پاڻ ۾ ان جھيڙي سان تمام پري پئجي ويندا ۽ فيڊريشن کي نقصان ٿيندو ۽ ھن وقت سنڌ ۾ آڳاٽي خريف آھي ته پنجاب پاڻي نه کڻي ۽ اها سنڌ کي ڏين ۽ جيڪا کوٽ آھي اها ختم ٿي سگھي ۽ پوکائي ٿي سگھي، ھڪ سوال جي جواب ۾ نواب يوسف چيو ته سنڌ جي ڪچي ۾ جاري ڌاڙيل راڄ جي جانچ ٿيڻ کپي ته اهي ھٿيار ڌاڙيلن کي ڪنھن ڏنا، انھن وٽ ڪئين پھتا، جيڪي جديد ھٿيار پوليس وٽ به ناهن، عوام ڏٺو ھوندو ته ڌاڙيل فيڪٽر چپ ھوندو آھي ۽ جيڪڏھن ڪي چاھن ٿا ڌاڙيل اشو اٿي ته ان جي ڳولا ڪرڻ کپي ته اهو ڇا ٿا چاھن ۽ اشو ڇو اٿي.
