191

آزاد ڪشمير ۾ هاڻ پيپلز پارٽي نظر ايندي، هي اليڪشن ڪشميرين جي لاءِ اهم ترين اليڪشن آهي، ڪشميرين جي ذميواري آهي ته ڪٺ پتلي کان پاڻ کي بچائين: بلاول ڀٽو

راولاڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سياسي مخالف ملي ڪٺ پتلي کي ڪيرائڻ ۾ سنجيده نه آهن، ڪشمير جي عوام لاءِ جيڪڏهن هڪ سال تائين جنگ ڪرڻي پئي ته ڪنداسين، رپورٽ مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسلام آباد جو رخ ڪنداسين بني گالا طرف اينداسين ۽ ڪٺ پتلي کي ڀڄائينداسين، ڪشميرين جي ذميواري آهي ته ڪٺ پتلي کان پاڻ کي بچائين، منافق ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ يو ٽرن وٺندو آهي. 50 لک گهر ٺاهيندڙن  عوام کان ڇتون ڦري ورتيون آهن،  ڪشمير جي عوام گهڻو ڀوڳيو آهي، ڪٺ پتلي سموري ملڪ جو رت چوسي رهيو آهي. ڪشميري حڪم ڪن سڀاڻي جنگ ڪرڻي آهي ته اها به ڪنداسين، اسان 3 سالن کان هن ڪٺ پتلي جو مقابلو ڪري رهيا آهيون،  پر سياسي مخالف ڪٺ پتلي کي ڪيرائڻ ۾ سنجيده نه آهن، چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته ڪشميرين جي فيصلي کي دهلي ۽ اسلام آباد کي مڃڻو پوندو،  ڪشمير جي عوام سان ملي والاريل وادي جو ڪيس وڙهنداسين، ڪشمير لاءِ جيڪڏهن هڪ هزار سال تائين جنگ ڪرڻي پئي ته اها به ڪنداسين، والاريل ڪشمير ۾ جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي اهو آزاد ڪشمير جي عوام لاءِ قبول نه آهي،  هتي ظلم جي انتها ٿي رهي آهي جڏهن ته وزيراعظم جو جواب هوندو آهي ته مان ڇا ڪريان؟ مودي جي ظلم تي عمران خان جو جواب  هوندو آهي ته ڇا اوهان مطمئن آهيو؟ اسان مودي کي شادي جي دعوت نه ڏيندا آهيون، پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته شهيد ڀٽو ڪشمير جي جيالن سان ملي جدوجهد ڪئي آهي، هي اليڪشن ڪشميرين جي لاءِ اهم ترين اليڪشن آهي. آزاد ڪشمير ۾ هاڻ پيپلز پارٽي نظر ايندي. عباس پور جي عوام اوهان ڪيئن چئي سگهو ٿا ته پيپلز پارٽي ختم ٿي وئي آهي.  25 جولاءِ تي آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم چونڊي بني گالا مان ڪٺ پتلي کي ڀڄائينداسين، ٻنهي طرفن کان هڪ ئي آواز هوندي ته ڪشمير تي سودو نامنظور، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته بجيٽ اجلاس  دوران آصف زرداري کي اسپتال ۽ خورشيد شاهه کي جيل مان آندو ويو، بجيٽ اجلاس ۾ کاٻي، ساڄي پاسي ڏٺو ته ڪوبه نظر نه آيو، فضل الرحمان انهن کي شوڪاز ڏئي جيڪي بجيٽ اجلاس مان غائب هئا. نهاري ۽ حلوو کائڻ لاءِ ٺاهيل اتحاد ۾ شامل نه ٿينداسين. اسان پنهنجي مخالفن کي جيل ۾ ويهي نظرياتي بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته آمريڪا کي ايئربيس نه ڏينداسين اهو هن جو فيصلو نه آهي. اوهان جا ڪهڙا هوائي اڏا کليل آهن؟ پ پ پنهنجي دور ۾ سمورا هوائي اڏا بند ڪري ڇڏيا هئا.  اسان پهرين ئي ڏينهن هن کي سليڪٽڊ جو نالو ڏياريو هو. سليڪٽيڊ کي ڀڄائڻ لاءِ سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو. وزيراعظم منهنجي تقرير دوران وري نظر نه آيو. اسان هنن سان وڙهنداسين ۽ کين شڪست ڏينداسين،  وزيراعظم ايترو نااهل آهي جو سليڪٽڊ جو نالو ڏيڻ تي به ڊيسڪ وڄائيندو رهيو..

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو