ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برسات جي هنگامي صورتحال بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ضلعي انتظاميا، پوليس، مڪاني ادارن ۽ ٻين ضروري عملي جون سڀئي موڪلون رد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ضروري رابطي لاءِ پنهنجي آفيس ۾ رين ايمرجنسي سيل قائم ڪري. هن اهو فيصلو وزيراعليٰ هائوس ۾ چوماسي جي مند ۾ برساتن بابت جي تياري لاءِ ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن سيد ناصر شاهه، فراز ڏيرو، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، آءِ جي پوليس مشتاق مهر، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو علم الدين بلو، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي لئيق احمد، ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان، ايم ڊي سنڌ سالڊ وسٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي زبير چنا ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سلمان شاهه اجلاس کي آگاهي ڏني ته موسميات کاتو، پاڪستان (PMD) چوماسي مند 2021 (جولاءِ کان سيپٽمبر) لاءِ اڳڀرائي ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت جولاءِ-سيپٽمبر 2021 ۾ برسات معمول مطابق ٿيندي. هن چيو ته جولاءِ کان سيپٽمبر ۾ پاڪستان ۾ ايراضي جي لحاظ کان معمول موجب برسات 140.8 ملي ميٽر آهي.
