راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان بابر افتخار چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا سليپر سيلز ٻيهر بحال ٿيڻ جو خدشو آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته افغان امن عمل جي ڪاميابي جي لاءِ پنهنجو ڪردار سجنيدگي سان ادا ڪري رهيا آهيون، پاڪستان افغانستان ۾ امن عمل ۾ ڪا ڪسر ناهي کڻي رکي، پر اسان افغانستان ۾ امن جي قيام جا ضامن ناهيون، ان جو فيصلو اُتي جي ڌرين کي ئي ڪرڻو آهي ته هنن کي مستقبل ۾ ڪهڙي طرح هلڻو آهي، اسان افغانستان مان آمريڪا فوج جي نيڪالي کان پوءِ جي صورتحال تي پوري تيار ڪري رکي آهي، ڇو ته افغانستان ۾ بد امني ۽ عدم استحڪام جو سڀ کان وڏو اثر پاڪستان تي ئي پوندو، پاڪستان جو امن افغانستان جي امن ۽ استحڪام سان جڙيل آهي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ بد امني ۽ ويڙهه جي ڪري پاڪستان ۾ موجوده دهشتگرد تنظيمن جي باقيات ۽ سليپر سيلز ٻيهر فعال ٿيڻ جو خدشو آهي، ٻئي پاسي بلوچستان شدت پسند گروپن کي به هٿي ملي سگهي ٿي، تازي دهشتگردي جا واقعا ان ڏانهن ئي اشارو ڪن ٿا، اسان دهشتگردي جي ڊگهي ويڙهه وڙهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 86 هزار کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سڄي ملڪ ۾ رد الفساد آپريشن شروع ڪرايو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هزارين آپريشن ڪا، ان ۾ بي مثال ڪاميابيون مليون، اسان پنهنجي قربانين کي ڪنهن صورت رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن جي لاءِ اسان گهڻي تياري ڪئي آهي، ملڪي سر زمين جي ڪنهن جي به خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏينداسين، پاڪ افغان بارڊر تي 90 سيڪڙو ڪنڊيدار تار هڻي چڪا آهيون، پاڪ افغان سرحد تي سمورا غير قانوني پوائنٽس کي سيل ڪيو ويو آهي، بارڊر تي جديد بائيو ميٽرڪ سسٽم هنيو پيو وڃي، اولهه سرحد جي فينسنگ افغانستان جي لاءِ به بهتر آهي، پاڪ ايران تي به فينسنگ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، قبائلي ضلعن ۾ پوليس ۽ ليويز جي تربيت جي نگراني فوج ڪري رهي آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بي مثال ڪاميابيون حاصل ڪيون، خيبرپختونخواهه ۽ قبائلي ضلعن ۾ 150 کان وڌيڪ دهشتگردي جا واقعا ٿي چڪا آهن، آپريشن به ٿي رهيا آهن جنهن ۾ هن وقت تائين 42 دهشتگرد مارجي چڪا آهن، پاڪستان ۾ سمورا نو گو ايرياز ختم ڪيا ويا، آپريشن جارحاڻي انداز ۾ ڪري رهيو آهي، ۽ دهشتگرد ڀڄي رهيا آهن، يقين سان چوان ٿو ته پاڪستان ۾ ڪو به دهشتگرد موجود ناهي، پاڪستاني فوج دشمن عنصرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، اسان جا جوان دهشتگردن کي ختم ڪرڻ بنا سک سان نه ويهندا.
188