واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي انٽيليجنس ايجنسي چيو آهي ته عالمي وبا ڪورونا جي شروعات جي حوالي سان عالمي برادري جي راءِ ۾ اختلاف آهن، انٽليجنس جيرپورٽ موجب هڪ ڳجهي ايجنسي کي اعتماد جي طور تي اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته وائرس ليب مان انسانن مان منتقل ٿيو، جڏهن ته ٻين 4 ايجنسين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته شايد ان وائرس جي شروعات قدرتي طور تي انسانن ۾ ٿي آهي، ڪورونا حياتياتي طور تي تيار ناهي ڪيو ويو.
