ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ڪورونا سبب 101 ڄڻا فوت ٿي ويا،3559 ڪيس پازيٽو،سنڌ ۾14 مريضن دم ڏنو. رپورٽ موجب ملڪ ۾ پازيٽو ڪيسن جي شرح 6.63 سيڪڙو رهي، پنجاب ۾ويڪسين نه لڳرائيندڙن کي اڄ کان پيٽرول نه ملندو. هوڏانهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 14 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو انگ 6924 ٿي ويو آهي جڏهن ته 16498 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1263 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 14 مريض فوت ٿيا آهن ۽ فوتين جو تعداد 6924 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 16498 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 1263 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 7.7 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5560720 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 433651 ڪيسن ظاهر ٿي چڪا آهن انهن مان 86.7 سيڪڙو يعني 375930 مريض صحتياب ٿيا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 918 پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 50797 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 49841 گهرن ۾، 40 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 916 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 816 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 74 ڄڻا وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيا ويا آهن. بيان موجب 1263 نون ڪيسن مان 643 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 267، ڏکڻ 171، سينٽرل 93، ملير 71 ۽ اولهه 30 ۽ ڪورنگي 11 شامل آهن. حيدرآباد 181، بدين 46، سانگهڙ 45، ٿرپارڪر 37، ٺٽو 33، ڄامشورو، عمرڪوٽ ۽ خيرپور 29-29، ٽنڊو محمد خان 28، مٽياري 25، ميرپورخاص 23، سجاول 12، سکر 8، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد 4-4، دادو ۽ ڪشمور 3-3 ۽ گهوٽڪي 2 ڪيس آهن. مراد علي شاهه عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.
