106

اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾بلدياتي چونڊن بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾3 رڪني بئنچ سنڌ ۾بلدياتي چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب ۽ بلديات وارو وزير ناصر شاهه پيش ٿيا، اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري دليل ڏنا، جڏهن ته سنڌ حڪومت مردم شماري جا حتمي نتيجا اچڻ تائين بلدياتي چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪئي آهي، مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت کي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ ۾ڪو به مسئلو ناهي، دير جو سبب قانوني پيچيدگيون آهن، هن چيو ته مردم شماري تي سنڌ حڪومت جي مخالفت باوجود گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾نتيجا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  هن چيو ته آئين تحت ڪنهن به صوبي کي اعتراض داخل ڪرائڻ جو اختيار موجود آهي، اليڪشن ڪميشن دليلن کانپوءِ سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. اسان فيبروري يا مارچ تائين چونڊون ڪرائينداسين، ٽائيم ڏئي رهيا آهيون، چونڊون ڪرائڻ کان نه ڀڄي رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو