ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن، جڏهن ته حڪومتي ڌر به ان رٿ کي ناڪام بڻائڻ جي حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، اپوزيشن اتحاد ۾ شامل جماعتن جي ميمبرن جو 23، جي يو آءِ (ف) جا 11، بي اين پي مينگل جا 10 ۽ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جو هڪ ميمبر شامل آهي، آزاد اسيمبلي ميمبر ۽ اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي جي حمايت به اپوزيشن سان گڏ هوندي، اپوزيشن کي 24 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي، جڏهن ته بي اعتمادي رٿ لاءِ مخالف ڌر کي 33 ميمبرن جي حمايت گهربل هوندي، حڪومتي اتحاد ۾ شامل جماعتن جي ميمبرن جو تعداد 41، بلوچستان عوامي پارٽي جا 24، پي ٽي آءِ جا 7 ۽ اي اين پي جا 4 ميمبر شامل آهن.
