واشگنٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا سعودي عرب کي پرڏيهي خطرن کي نظر ۾ رکندي اُن جي دفاع جو عزم ورجايو آهي، آمريڪي بچاءَ واري کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب کي پرڏيهي خطرا آهن، آمريڪا سعودي جو ڀرپور دفاع ڪندو، ميڊيا رپورٽس موجب پينٽاگون طرفان جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪا ۽ سعودي اسٽريٽيجڪ جوائنٽ پلاننگ ڪميٽي جي ملاقات بعد امريڪا اهڙو بيان جاري ڪيو آهي، اسٽريٽيجڪ ڪميٽي جي ملاقات ۾ آمريڪي وفد جي قيادت انڊر سيڪريٽري دفاع ڪولن ڪال ۽ سعودي وفد جي سربراهي دفاع واري نائب واري خالد بن سلمان ڪئي.
