وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ايراني گهرو وزير وزير سڪندر مومني جو ٽيليفونڪ رابطو، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالينقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي 26 جولاءِ تي پاڪستان جي امڪاني دوري بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار، ايراني گهرو وزير جو چوڻ آهي ته ايران ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستان حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايران سان ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو
