غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ قطرتي نشرياتي اداري جي مشهور صحافي سميت وڌيڪ 52 فلسطيني شهيد، اسرائيلي فوج غزا جي پٽي تي فلسطينين کي نشانو بڻايو، پرڏيهي ميڊيا موجب غزا سٽي ۾ صحافين جي خيمي تي بمباري ۾ الجزيره جا 2 صحافي انس الشريف ۽ محمد قريقه ۽ 3 ڪيمرا آپريٽر شهيد ٿي ويا، آڪٽوبر 2023 کان هيل تائين اسرائيلي فوج جي حملن ۾ شهيد ٿيندڙن صحافين جو انگ 237 ٿي ويو
