24

ڄامشوري ۾ موسيقي جي سکيا حاصل ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ تقسيم

سمپا جي 6 سالن دوران ڪيل محنت ساراهه جوڳي آهي: صوبائي وزير جنيد احمد شاهه

موسيقي جي ذريعي محبت جو دائرو وڌايو ويو آھي: سيڪريٽري ثقافت خالد احمد چاچڙ

ڄامشورو (ڊر) ڄامشوري ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ميوزڪ اينڊ پرفارمنگ آرٽ (سمپا) ۾ موسيقي جي سکيا حاصل ڪندڙ نوجوانن کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ واري تقريب ٿي گذري، تقريب جو مهمان خاص سنڌ ثقافت کاتي جو نگران وزير سيد جنيد احمد شاھ  هو. پروگرام جي شروعات حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي سان ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد جنيد احمد شاھ چيو ته اسين انهن فنڪارن جا ٿورائتا آهيون، جيڪي پنهنجي هنر ۽ فن ذريعي سنڌ جي صوفي ازم، ثقافت ۽ سنڌ جي فن کي زنده رکيو پيا اچن، سمپا ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، رڳو 6 سال اڳ وجود ۾ايندڙ هن اداري جي محنت يقينن ساراھه جوڳي آهي هن اداري سنڌ جي فنڪارن کي جيترو حوصلو ڏنو آهي فنڪارن به اوترو ئي فن کي اڳيان وڌايو آهي. سيڪريٽري ثقافت خالد احمد چاچڙ خطاب ڪندي چيو ته موسيقي جي ذريعي محبت جو دائرو وڌايو ويو آھي، سمپا ھڪ خيال ھيو جنھن کي سيد جنيد احمد ۽ اسان گڏجي عملي جامو پھرايو، ھن اداري کي ان وقت قائم ڪيو ويو، جڏھن سماج جمود جو شڪار ھو، ملڪ ۾ افراتفري جو ماحول ھو. ھن وقت سنڌ ثقافت کاتو بھتر ڪم ڪري رھيو آھي. ڊائريڪٽر جنرل ثقافت منور علي مهيسر چيو ته آرٽسٽ ھيرا موتي ۽ محبت جا سفير آھن انھن جي تربيت لاءِ سمپا اھميت وارو ادارو آھي، جتان اڳ ۾ جيڪي 350 شاگرد جيڪي اڳ ۾ سکيا حاصل ڪري ويا آھن انھن کي آرڊر ڏنا ويا آھن، ھاڻي اوھان سکيا ورتل نوجوانن کي بھ آرڊر ڏنا ويندا، جيڪو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي اھو رڪجي نھ سگھندو. سمپا جي ڊائريڪٽر شير محمد مهر آجياڻو پيش ڪندي سمپا ۾ هاسٽل، ڪينٽين، لائبريري قائم ڪرڻ سوڌو ٻيا مسئلا پيش ڪيا. تقريب کي براڊ ڪاسٽر نصير مرزا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾محفل موسيقي جي نشست ۾ راڳي استاد امير علي خان، مظهر حسين قريشي، سرور سخيراڻي، آچر فقير، مجنون سوڌو ڪيترن ئي فنڪارن پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ شريڪ ماڻهن کان ڀرپور داد حاصل ڪيو جڏھن تھ سنڌ جي مزاحمتي شاعر ۽ سگھڙ محمد جمن ڀٽي پنھنجي سگھڙائپ جا جوھر ڏيکاري خوب داد حاصل ڪيو. ان موقعي تي نگران صوبائي وزير سيد جنيد احمد شاھھ، سيڪريٽري خالد احمد چاچڙ، ڊي جي منور علي مھيسر سمپا جي مختلف شعبن جو جائزو ورتو ۽ ڄاڻ حاصل ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو