149

بالي ووڊ بادشاهه جو لاڏلو آريان خان جيل مان آزاد، هزارين مداحن روڊن تي نيڻ وڇائي ڇڏيا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ بادشاهه جو لاڏلو آريان خان جيل مان آزاد، هزارين مداحن روڊن تي نيڻ وڇائي ڇڏيا، رپورٽ موجب ڪنگ خان شاهه رخ جو پٽ تقريبن مهيني تائين جيل ۾ رهڻ بعد ضمانت ٿيڻ تي آزاد ٿي گهر پهچي ويو، آريان خان جي آزادي جي موقعي تي جيل ٻاهران سيڪيورٽي سخت، ڪئي وئي، هزارين مداح آجيان لاءِ روڊن جي ڪنارن سان بيهي ويا، آرٿر جيل مان آزادي بعد شاهه رخ جو گارڊ روي گاڏي ۾ آريان کي وٺي منت هائوس پهتو، اداس گهر ۾ مرڪون موٽي آيون، شاهه رخ ۽ گوري خان پٽ کي گهر ڏسي خوشي وچان لڙڪ روڪي نه سگهيا، جڏهن ته بالي ووڊ اسٽارز ۽ شاهه رخ جي مداحن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي، واضح رهي ته آريان خان کي سمنڊ اندر جهاز مان منشيات الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، ضمانت عيوض مٿس شرط لاڳو ڪي ويا آهن، ڪيس ۾نامزد ماڻهن سان نه لڳندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو