148

پني عاقل جي ڪچي ۾ ڪارنهن تڪرار تان مهرن ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي

پنوعاقل (ويب ڊيسڪ) پني عاقل جي ڪچي ۾ ڪارنهن تڪرار تان مهرن ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي، ان سلسلي ۾ رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بکو مهر ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب رحمت الله مهر موقعي تي مارجي ويو، فائرنگ ۾ امجد علي مهر زخمي ٿيو، پوليس مقتول ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال آندو، جتان زخمي نوجوان کي طبي امداد ڏئي سکر منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته حبيب مهر ۽ سندس ساٿين حملو ڪري نوجوان قتل ڪيو آهي، جوابدار اڳ به اسان جا 2 ماڻهو زخمي ڪيا آهن، پوليس ڪو به تحرڪ نٿي وٺي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي رضا ڳوٺ پوليس ٻڌايو ته جوابدار ڌر ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي بيٺل آهي، ڌرين ۾ ڪارنهن جو پراڻو جهيڙو هلندڙ آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا جلد جوابدار به گرفتار ٿيندا، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو