128

نوازشريف کي علاج جي لاءِ پرڏيهه اماڻڻ جو فيصلو عمران نيازي حڪومت جو هو: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته نوازشريف کي علاج جي لاءِ پرڏيهه اماڻڻ جو فيصلو به عمران نيازي حڪومت جو هو. هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته سياسي فائدي جي لاءِ حقيقتن جي ابتڙ بيان افسوس جوڳا آهن. سياسي نفرت سبب هڪ ماڻهو کي بدنام ڪرڻ وارو حڪومتي رويو پاڪستان جي بدنامي جو ڪارڻ ٿي رهيو آهي. شهباز شريف چيو ته  نوازشريف جو علاج پاڪستان ۾ نٿو ٿي سگهي اهو فيصلو سرڪاري بورڊ جو هو. هن چيو ته ڊاڪٽرن جي مشوري موجب نوازشريف جي علاج ۽ لنڊن ۾ رهائش جو فيصلو ٿيندو.  ڊاڪٽر جڏهن اجازت ڏيندا ته نوازشريف پاڪستان واپس ايندو. شهباز شريف چيو ته قانوني گهرجن کي آڏو رکندي ويزا جي لاءِ اپيل داخل ڪئي وئي آهي. اپيل تي فيصلو ٿيڻ تائين نوازشريف قانوني طور تي لنڊن ۾ ترسي سگهي ٿو. هوڏانهن مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ويزا جي معاملي تي وزيرن جا ٽپا ان ڳالهه جي نشاني آهن ته نواز شريف انهن تي پوري ريت سوار آهي،  نواز شريف کان ذهني طور هارائيندڙ  هن نقلي حڪومت کي پتو آهي ته نواز شريف نه رڳو پاڪستان جو حال پر مستقبل پڻ آهي. ٻي پاسي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڀاڙيتو ترجمان ايتريون ته وفاداريون بدلائين ٿا جو  کين پنهنجا بيان بدلائيندي به لڄ نه ٿي اچي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو