115

پي ٽي آءِ حڪومت ناڪام آهي، پاڪستان جو نالو اڀرندڙ معيشت لسٽ مان ڪڍڻ تي افسوس آهي: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ناڪام آهي، پاڪستان جو نالو اڀرندڙ معيشت  لسٽ مان ڪڍڻ تي افسوس آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عالمي لسٽ مان پاڪستان جو نالو پوئتي ڪرڻ واري خبر صحيح ناهي، اهو عوام کي مشڪلاتن جو اعتراف آهي، نواز شريف جي دور ۾ پاڪستان کي دنيا جي 20هين اڀرندڙ معيشتن ۾ شمار ڪيو ويو، هاڻي ناڪامي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته  ايم ايس سي آءِ پاران پاڪستان کي فرنٽيئر مارڪيٽن ۾ شمار ڪرڻ ملڪي معيشت بدحالي جو اعلان آهي، ٽن سالن ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ عالمي سطح تي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ملڪ جو درجو به کسيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو