ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ لاءِ 16546 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 379 ڪيس رپورٽ ٿيا. جن ۾ 51 جو تعلق ڪراچي سان آهي. آچر ڏينهن ڪورونا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان جاري بيان ۾ هن چيو ته 3 وڌيڪ مريض فوت ٿي ويا. ان کان پوءِ فوت ٿيلن جو مجموعي انگ 7551 ٿي ويو آهي. هن چيو ته 183 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جنهن بعد صحتياب ٿيلن جو انگ 447615 آهي. هن چيو ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ لاءِ هن وقت تائين مجموعي طور 6317049 ٽيستون ڪيون ويون جن مان 466861 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت صوبي ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 11695 آهي جن مان 11436 گهرن ۾، 29 آئيسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 230 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن چيو ته 228 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي پئي. 16 مريض وينٽيليٽرز تي آهن. هن چيو ته صوبي ۾ 379 ڪيسن مان 51 جو تعلق ڪراچي سان آهي. جڏهن ته حيدرآباد 56، ٺٽو 43، ميرپورخاص 20، سجاول 19، سانگهڙ 18، شهيد بينظير آباد 16، نوشهروفيروز 15، ڄامشورو 14، لارڪاڻو 13، عمرڪوٽ 12، سکر 10، ڪشمور 9، گهوٽڪي 7، شڪارپور 5، جيڪب آباد 4، بدين 2 ۽ خيرپور مان هڪ ڪيس سامهون آيو
155