158

محمد رضوان جي ڀارتي مسلمان ڪرڪيٽر محمد شامي جي حمايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ناليواري وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ڀارتي مسلمان ڪرڪيٽر محمد شامي جي حمايت ڪئي آهي. محمد رضوان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ محمد شامي جو پورٽريٽ شيئر ڪندي چيو آهي ته هڪ رانديگر کي پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ جنهن دٻاءُ قرباني ۽ جدوجهد مان گذرڻو پوندو آهي ان کي بيان نٿو ڪري سگهجي. هن محمد شامي کي ٽيگ ڪندي چيو ته شامي هڪ اسٽار آهي ۽ سندس شمار دنيا جي بهترين بالرن ۾ ٿئي ٿو. مهرباني ڪري پنهنجي اسٽارز جو احترام ڪريو. واضح رهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان هٿان بدترين شڪست کانپوءِ ڀارتي ٽيم جي واحد مسلمان رانديگر محمد شامي تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي. سوشل ميڊيا ان کي غدار قرار ڏنو آهي جڏهن ته محمد شامي کي ڀارتي ٽيم مان ڪڍڻ جو پڻ مطالبو ڪيو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو