ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي آفيسن تي حملن سبب ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا آهن.
حيدري ٿاڻي جي حد اين اي 250 ۽ پي ايس 129 ۾ پيپلز پارٽي جي آفيس تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 4 ڪارڪن زخمي ٿي پيا. پيپلز پارٽي الزام لڳايو آهي ته حملو ايم ڪيو ايم ڪارڪنن ڪيو آهي.
ڪراچي جي تڪ اين اي 250 تان پيپلز پارٽي جي اميدوار خواجه سهيل منصور الزام لڳايو آهي ته اين اي 250 ۽ پي ايس 129 ۾ پيپلز پارٽي جي چونڊ آفيس تي ايم ڪيو ايم ڪارڪنن حملو ڪيو آهي.
ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف لڳايو آهي ته اين اي 248 جي اميدوار ارسلان خان سميت پي ٽي آءِ جا 10 کان وڌيڪ ڪارڪن ايم ڪيو ايم جي حملي ۾ زخمي ٿي پيا آهن.
پي ٽي آءِ ترجمان فلڪ الماس چيو آهي ته اسان ڪارڪنن تي حملن جي مذمت ڪريون ٿا. اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت واقعي جو نوٽيس وٺن پر امن سياسي مهم ۾ تڪرار پيدا ڪري ڇڪتاڻ واريون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن.
ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ به ڪراچي جي ضلعي ملير گلشن بونير ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار آغا رفيع الله جي ڪارنر آفيس تي حملو ڪيو ويو هو.