21

ورڪشاپ ڀرسان حضرت سامٽيو فقير زرداري جو ساليانو عرس ملهايو ويو

(ن سوڀ) ورڪشاپ ڀرسان درگاھ حضرت سامٽيو فقير زرداري جو ساليانو عرس مبارڪ ٿي گذريو، جتي مھمان خاص ڪمشنر رشيد احمد زرداري مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گھري، جڏهن ته انور بلوچ، محمد بخش زرداري ۽ ٻين علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مشهور فنڪارن صوفي ڪلام ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، ڪمشنر رشيد احمد زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حضرت سامٽيو فقير زرداري جا اسان عقيدتمند آھيون، جيڪو اولياءُ آهي، درگاھه تي ماڻھو پري پري کان پنڌ ڪري ھتي اچن ٿا ۽ دعائون گھرندا آھن

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو