ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ فل بئنچ ننڍي عمر جي ٻارڙي خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرڻ ۾ ملوث پوليس اهلڪار يعقوب کي سروس ٽربيونل پاران بحال ڪرڻ واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جاچ آفيسر يعقوب ننڍي عمر جي ٻارڙي علي شاهه خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو هو جنهن تي آءِ جي سنڌ کيس نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته سروس ٽربيونل برطرف ڪيل جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏيندي کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سروس ٽربيونل جي فيصلي مطابق جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي جو اختيار ڊي آءِ جي وٽ آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته آءِ جي سنڌ اداري جو سربراهه آهي جنهن ڪري قانوني طور تي ان کي اختيار حاصل آهي. عدالت سروس ٽربيونل پاران پوليس اهلڪار کي بحال ڪرڻ واري فيصلي کي معطل ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
158