ملتان (م ڊ) 30 نومبر تي ملتان ۾ پي ڊي ايم جو جلسو، حڪومت جو اجازت ڏيڻ کان انڪار، شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري ملڪي سياست ۾ باضابطه طور تي انٽري ڏئي ڇڏي، آصفه ڀٽو زرداري بلاول ڀٽو جي غير موجودگي ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي، تحريڪ انصاف سرڪار پي ڊي ايم جو جلسو روڪرائڻ لاءِ رستا روڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، جلسي گاهه قاسم باغ اسٽيڊيم کي بند ڪري ڇهن ئي دروازن کي اندران کان بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسٽيڊيم جي چوطرف 30 ڪنٽينر رکي رڪاوٽون کڙيون ڪيو ويون آهن، ان سان گڏ اسٽيڊيم ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا قناتون ۽ ٻيون رڪاوٽون وجهي سيل ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف اپوزيشن طرفان هر صورت ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته آصفه ڀٽو زرداري 30 نومبر تي ملتان پهچندي، هوءَ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب پڻ ڪندي، بلاول ڀٽو زرداري به وڊيو لنڪ ذريعي جلسي کي خطاب ڪندو، هن چيو ته پي ڊي ايم جو جلسو ضرور ٿيندو، حڪومت جلسو روڪڻ جي ڪوشش ڪري حالتون خراب ڪري رهي آهي، هن چيو ته جلسي کي پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري به وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو.ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽوئٽ بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري وٺي، 30 نومبر تي ملتان ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ضرور ٿيندو، فاشسٽ حڪومت جمهوري ڪارڪنن جي گرفتاريون شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪٺ پُتلي حڪمران جيالن کان ڊنل آهي، هوڏانهن حڪومت پي ڊي ايم کي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جلسي گاهه قاسم باغ ڏانهن ايندڙ ويندڙ روڊ رستا رڪاوٽون کڙيون ڪري ۽ ڪنعاتون ڏئي بلاڪ ڪيا ويا آهن، گرفتارين جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جلسو هر صورت ۾ ٿيندو، قاسم باغ کي نه کوليو ويو ته پوري ملتان ۾ جلسو ڪيو ويندو، عوام ٻاهر نڪرندو ۽ حڪمران ٽولي خلاف ڀرپور احتجاج ڪندو، ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.
217