179

پيرونمل ويجهو ڍڳي چوري، مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل، لاش رکي ڌرڻو، ڪيس داخل

سانگهڙ/پيرونمل (رپورٽ: سميع ميمڻ/محمد قاسم چانڊيو) پيرونمل ٿاڻي جي حد ۾ چورن هٿان ڳوٺاڻو قتل، گذريل رات دير سان چور پيرومل ٿاڻي جي حد ڳوٺ اَڪنا آباد ۾ رات نامعلوم چورن لوڻيو مھراج جي ڍڳي چورائي ته گهر ڀاتي سجاڳ ٿي پيا، جنهن جي دانهون ڪرڻ تي ڳوٺاڻا گڏ ٿي چورن جو پيڇو ڪيو، چورن اُتميو ڀيل کي ويجهو ٿيندي کيس پسٽل جا سڌا فائر ڪيا، جنهن تي نوجوان اُتميو ولد مصري ڀيل کي مٿي ۾ ڳولي لڳ ۽ موقعي تي قتل ٿي ويو، واقعي بعد سوين ڳوٺاڻا پھچي ويا، اهڙو اطلاع پيرومل پوليس کي ڏنو ويو ۽ پوليس پھچي اُتميو جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سانگهڙ آندو، جتان پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن ۽ ڀيل فورم پاران سانگهڙ سول اسپتال کان لاش ڪلھن تي کڻي پريس ڪلب سانگهڙ آندو ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو، مقتول جي پيءُ مصري ڀيل دانهون ڪندي ٻڌايو ته منهنجو اڪيلو ئي پٽ ھو، جيڪو ظالمن قتل ڪري ڇڏيو آھي، ڀيل فورم جي اڳواڻن مٺو سانگهڙائي، پريم ڪمار ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان اقليتن سان هر روز اهڙا واقعا پيش اچن ٿا ۽ اسان پنهنجن نوجوانن جا لاش کڻي ٿڪجي پيا آھيون، ان موقعي تي ايس پي سانگهڙ عثمان غني صديقي پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري کين انصاف ڏيارڻ جو يقين ڏياريو، ايس ايس پي ڳالھائيندي  چيو ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ  جاچ ٽيم جوڙي آھي، جلد قاتلن کي گرفتار ڪري انجام تائين پھچايو ويندو، قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائڻ کان پوءِ احتجاج ختم ڪيو ۽ وارث  لاش ڳوٺ  اڪنا آباد کڻائي ويا، ايس ايس پي سانگھڙ واقعي واري هنڌ پھچي ڳوٺاڻن کان واقعي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، نوجوان جي پيءُ مصري ڀيل  جي فرياد تي پيرونمل ٿاڻي تي ٽن نامعلوم ماڻھن  خلاف ايف آءِ آر ٿيل ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو