167

سن ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر، نوجوان فوت، 2 زخمي

سن (ن سوڀ) سن ڀرسان ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ روڊ حادثو ٿيو آهي، جنهن ۾ هڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن. مليل ڄاڻ موجب خاڻوٺ ڀرسان انڊس هاءِ وي روڊ تي خاصائي اسٽاپ وٽ ڪراچي کان سيوهڻ طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار هڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، ٻنهي گاڏين جي زوردار ٽڪر ٿيڻ سبب وڏو ڌماڪو ٿيو، جنهن جو آواز ٻڌي ڀرپاسي جي هوٽلن ۽ دڪانن تي ويٺل ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا، جن فوتي جي لاش ۽ زخمين کي ڪار مان ٻاهر ڪڍي تعلقي اسپتال مانجھند پهچايو، جتي ٻنهي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ۽ مانجھند اسپتال ۾ علاج جون بهتر سهولتون نه هجڻ سبب زخمين کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتي جي سڃاڻپ 40 ورهين جي محمد حسنين ڊوگر  طور ٿي، فوتي جي لاش جون قانوني گھرجون پوريون ڪيون ويون آهن ۽ فوتي جي وارثن کي به اطلاع ڪيو ويو آهي. هڪ زخمي جي سڃاڻپ حنين اڪرم طور ٿي آهي، فوتي محمد حسينن ۽ زخمي حنين اڪرم پاڻ ۾ ڀائر ٻڌايا پيا وڃن،  جيڪي ڪراچي کان فيصل آباد وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو. خاڻوٺ پوليس حادثي جو شڪار ڪار ۽ ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو