149

پي ڊي ايم جو نه حصو آھيون نه ٿينداسين: سراج الحق

حيدرآباد/شاهپورجهانيان (نمائندن وٽان) جماعت اسلامي جي مرڪزي امير ۽ اڳوڻي سينيٽر سراج الحق شاهپور جهانيان جي ڳوٺ مقيم ڏاهري پهچي نامور مذھبي عالم ۽ جماعت اهلسنت جي مرڪزي نائب امير الحاج مفتي مولانا محمد ادريس ڏاهري سان عيادت ۽ سندس زال جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پي ڊي ايم جو نه حصو آھيون نه ٿينداسين، پي ڊي ايم ٺھي يا ڊھي ان سان اسانجو ڇا ؟ اسين پي ٽي آئي کي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جو تسلسل سمجهون ٿا، پ پ ۽ نون ليگ ايوان جي اندر توڙي ٻاهر پي ٽي آءِ جون ساٿاري آھن.اسان جي جماعت سينيٽ چونڊن ۾ گيلاني يا پي پي کي وٽ ناهي ڪيو. پي ڊي ايم پنهنجي سفر ۾ ڪڏهن به ملڪ ۾ اسلامي نظام جو مطالبو ناهي ڪيو، پي ڊي ايم  جا پي ٽي آءِ سان خارجه، تعليمي، ڪشميري سميت ٻين پاليسي تي به اختلاف ناهن، ايف اي ٽي ايف قانون انهن جي تعاون کانسواءِ منظور ناهن ڪيا ويا، جنهن جي ڪري هاڻي اسٽيٽ بئنڪ تي به آءِ ايم ايف قبضو ڪري رهي آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو