اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گهوٽڪي ۾ ٽرين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته قيمتي انساني جانين جي زيان تي دل ڏکويل آهي. شاهه محمود قريشي سومر تي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڏک جي ان گهڙي ۾ آئون متاثر خاندانن سان گڏ آهيان. پرڏيهي وزير فوتين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. هن مرحومن لاءِ مغفرت ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
170