120

ڪورونا وائرس جي وبا جو خطرو اڃا به برقرار آهي: صحت جو عالمي ادارو

برسلز (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري جي يورپي آفيس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر هينري هانس چيو آهي ته يورپي خطي جي 53 ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ لڳاتار 10 هفتن کان گهٽتائي اچڻ بعد گذريل هفتي سفر ۽ تقريبن سميت سماجي اجتماعن تي لڳايل پابندين ۾ نرمي ڪئي وئي جنهن جي ڪري وري ڪورونا ڪيسن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن خبردار ڪيو ته آگسٽ تائين يورپ ۾ وائرس جي وڌڻ جو خطرو آهي، سندس مطابق يورپ ۾ اڃا به 63 سيڪڙو ماڻهو ويڪسين جي پهرين خوراڪ جا منتظر آهن. جيڪڏهن ويڪسين کي وائرس خلاف هڪ اثرائتو هٿيار مڃي به وٺجي ته هر شخص کي ويڪسين جا ٻه ڊوز ملڻ تائين سخت احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ويڪسين ۾ دير زندگي ۽ معاشي نقصانن جو سبب بڻجي سگهي ٿي. جڏهن ته خطي ۾ ويڪسين جي شرح انتهائي سست آهي. يورپ ۾ ويڪسي نيشين جي سراسري شرح 24 سيڪڙو آهي. پاليسي سازن کي اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪورونا وبا اڃا ختم ناهي ٿي، ان جو خطرو برقرار آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو