لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) ميروخان ڀرسان ڳوٺ لال بخش لغاري ۾ 14 سالن جي نينگر درويش پٽ معشوق علي لغاري گهر وارن سان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي موت جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ نينگر جي وارثن ٻڌايو ته درويش پنهنجي گهر وارن سان ڪاوڙجي گهر ۾ زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي ۾ حالت اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد خودڪشي ڪندڙ نينگر جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
113