388

مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي…!!

ليکڪ: مير ذوالفقار چانڊيو

ھونئن ته ملڪ جا ڪيترائي بنيادي مسئلا آهن جيڪي گذريل 75 سالن کان حل نه ٿي سگهيا آهن، جن مان وڏي ۾ وڏو مسئلو ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي  آهي، جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان جي ملڪ ۾ ھلي رھيو آھي پر ان کي ختم ڪرڻ يا ان مسئلي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪا به حڪومت يا سياستدان سنجيدگي جو مظاهرو نٿا ڪن، جنهن سبب اھو مھانگائي جو پراڻو مسئلو هن وقت تائين حل نه ٿي سگهيو آهي، مطلب ته ھر ايندڙ ڏينهن مھانگائي جو هڪ نئون طوفان کڙو ٿي رهيو آهي، ياد رهي ته مھانگائي جو مسئلو ڪو اڄڪلهھ جي حڪومت جو نئون ڪارنامو نه پر تمام پراڻو مسئلو آهي جنهن کي روڪڻ يا ڪنٽرول ڪرڻ حڪومتن جي ذميواري ھوندي آھي پر افسوس ته ھي وفاقي حڪومت ان مھانگائي واري مسئلي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به ڪوششون نه وٺي رهي آهي، جنهن سبب موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ رڪارڊ ساز تاريخي مھانگائي ٿي رهي آهي، جنهن جا ڪجھه مثال توهان جي سامھون پيش ڪجن ٿا ته موجوده حڪومت جي ٽن سالن اندر ملڪ ۾ ڪيتري حد تائين مھانگائي وڌي آهي، ڏٺو وڃي ته پي ٽي آءِ  حڪومت دوران گيهھ 140 مان 340 تي پھچي چڪو آهي، آئل 120 مان  340 ھڪ لٽر ٿي ويو آهي، جڏهن ته کنڊ 50 مان وڌي 120 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي، اٽو 40 مان 75 رپيا، ڪلو مرچ 120 مان 600 تي پهتا آهن، روزمرهه جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سان غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، غريب جيڪو ٻه ويلا ماني ڳڀي لاءِ پريشانيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، اھو غريب مسڪين وڌندڙ مھانگائي کي ڪيئن منهن ڏي؟ آخر غريب مزدور ماڻهو ھن رڪارڊ مھانگائي واري دور ۾ پنھنجي گھر جو گذر سفر ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟ سوال ملڪ اندر وڌندڙ مھانگائي جا سبب ڪهڙا آهن؟ جواب جڏهن به ملڪ اندر پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ٿيندي آهي ته روزمرهه جي شين کي پر لڳي ويندا آهن جنهن سبب ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي جو جن بوتل مان نڪري ايندو آهي، جنھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪير به سنجيده نه آھي، پيٽرول جيڪو 3 سال اڳ 80 رپيا لٽر ملندو هو، اڄ اھو ساڳيو پيٽرول ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو 138 رپيا لٽر تي پھچي چڪو آهي پر اڄ به اسان جا حڪمران ائين چوڻ ۾ فخر محسوس ٿا ڪن ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اندر پيٽرول سستي اگهھ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، شايد حڪمرانن کي اھا خبر نه آهي ته جن ملڪن اندر پيٽرول مھانگو آهي ته اتي جي ڪرنسي به اسان جي ملڪ کان وڌيڪ قدر واري آهي، جيڪڏهن ٻين ملڪن ۾ پيٽرول مھانگي اگهھ تي وڪرو ٿيندو آهي ته انھن ملڪن ۾ کاڌي پيتي جون شيون اڄ به سستي اگھه تي ھلي رھيون آھن پر دنيا اندر واحد اسان جو ملڪ آهي جتي ھر شيءِ ڏينھون ڏينهن مھانگائي ٿي رهي آهي، وڏي ڳالهھ اها آهي ته ملڪ اندر وڌندڙ مھانگائي جي ذميواري ڪير قبولڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن جي لاءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ملڪ اندر وڌندڙ مھانگائي جو ذميوار ڪير آهي؟ جواب ملڪ اندر وڌندڙ مھانگائي جا ذميوار واپارين کان وٺي ملڪ جا حڪمران وڌندڙ مھانگائي جا ذميوار آهن، مثال وقت جي حڪمرانن کي گھرجي ته پنهنجي شاھي خرچن کي گھٽائي ڇڏين جنهن سان ناڻي ۾ بچت وارو ماحول جڙي سگهي ٿو جيڪڏهن وقت جا حڪمران غريبن سان زيادتي ڪن ته اپوزيشن پارٽين تي لازمي آهي ته اھي انھن زيادتين تي چپ جو روزو ٽوڙي عوام لاءِ حق سچ جو آواز بلند ڪن پر افسوس ته گذريل ٽن سالن کان جھڙي طرح حڪومت عوام سان زيادتيون ڪري رهي آهي، بلڪل ساڳي طرح اپوزيشن پارٽيون انھن جا ليڊر ميمبر خاموش نظر اچن ٿا، مطلب ته پنھنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪري عوام کي ويتر پريشانين ۾ جڪڙي ڇڏين ٿا، ھن حڪومت کان اڳ حڪومت ڀلي ھئي جنھن ۾ ھر شيءِ سستي اگهھ تي ملندي هئي پر اھو وساري ويھن ٿا ته ھر حڪومت ۾ مھانگائي ٿيندي آهي پر ھن حڪومت مھانگائي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ياد رهي ته سرڪاري ملازمن سان گڏ نجي ملازمن جي پگهارن ۾ سال اندر ھڪ دفعو واڌ ٿيندي آهي ته پوءِ مھانگائي سال اندر ھڪ ڀيرو کان مٿي ڇو ڪئي ويندي آهي؟ جيڪڏهن تيل جون قيمتون عالمي مارڪيٽ جي حساب سان وڌائين ٿا ته پوءِ ملازمن جون پگھارون ۽ مزدورن جي ڏھاڙي عالمي ليول تي ڇو نٿا وڌائين، وڏي افسوس جو مقام آهي ته ملڪ اندر ھڪ پاسي مھانگائي جو طوفان ھلي رھيو آھي ته ٻئي پاسي وفاقي حڪومت عوام جي ٽيڪس مان وفاقي وزيرن لاءِ 37 نيون گاڏيون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ملڪ اندر وڌندڙ مھانگائي تي ايتري تڪليف نه ٿيندي آهي جيتري غريب عوام کي مھانگائي تي خاموش ڏسندو آھيان، عوام ھميشه پنهنجي پاڻ سان زيادتين تي خاموش رھندو پيو اچي، جنهن سبب ملڪ جا حڪمران انهن جي خاموشي مان فائدو وٺي عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن، اسان وٽ ڀارت جو مثال سامهون آهي جتي ھلندڙ ھفتي تيل قيمتن ۾ صرف 37 پيسا واڌ ٿي آهي ته اتان جي عوام روڊن تي نڪري ان وڌندڙ قيمت کي غير قانوني قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي، پر افسوس آهي ته اسان جو غريب عوام جيڪو ھش ۾ خوش آهي انھن کي وڌندڙ مھانگائي تي ڪو به احساس يا تڪليف نٿي اچي، بس سوشل ميڊيا جي حد تائين دل مان ڪاوڙ ۽ غصو ڪڍي ھڪ ڏينھن کان پوءِ خاموش ٿي ويھي رھندا، باقي عملي طرح مستقل مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري حڪمرانن کي اھو پيغام نٿا ڏين ته اسان سڀ ھڪ آھيون، اسان سان زيادتيون بند ڪيون وڃن، مھانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي پر افسوس ائين الائي ڪڏهن ٿيندو جو غريب عوام پنهنجي حقن لاءِ روڊن تي نڪري ايندو، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ ھر مھيني ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي کي برداشت ڪرڻو پوندو ۽ خاموشي سان ويھي اھو تماشو ڏسڻو پوندو، باقي وڌندڙ مھانگائي جو ذميوار ڪير ھڪ شخص حڪمران نه پر معاشري ۾ رھندڙ اسان سڀ پنهنجي پنهنجي حصي جا ذميوار آھيون

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو