ليکڪ: محمد هاشم لغاري
دنيا ۾ ھڪ تاريخ اھڙي به آئي جنھن دنيا کي ھميشه ھميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو. اھا تاريخ ھئي 6 اگسٽ 1945ع، جڏھن آمريڪا جاپان جي شهر ھيروشيما تي پھريو ”لٽل بواءِ“ نالي ائٽم بم ڪيرايو، ان ڏينھن کان پوءِ دنيا جي ڪنھن به محاذ تي ڪا به جنگ پوري قوت سان ناھي وڙھي وئي، سواءِ ڪويت-عراق جنگ جي، ائٽم بم جي ايجاد نه صرف امن امان آندو پر عام ماڻهن جي خوشحالي جو سبب به بڻي پر اھو امن امان ڪيستائين قائم رھندو ڪنھن کي به خبر ناھي، جديد دور امن امان سان گڏوگڏ ڪيترائي اھم مسئلا کڙا ڪيا آھن، اچو ته انھن مان ٽن وڏن مسئلن کي ڏسون ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون.
ائٽمي مسئلو: ائٽم بم جي ڦاٽڻ سان نه صرف شھرن جا شھر تباھه ٿين ٿا پر ڪيترائي نظر نه ايندڙ ريڊيائي ذرڙا ھوائن ۾ شامل ٿيو وڃن، اھي مينھن وسيلي درياهن ۾ ۽ پوءِ کاڌي وسيلي انسانن تائين پھچي وڃن ٿا جيڪي انسانن سان گڏو گڏ ھر جاندار لاءِ نقصان وارا ھوندا آھن، موجودہ حالتن ۾ جنھن نموني مختلف ملڪ پنھنجي فوجي قوتن کي وڌائڻ لاءِ روز روز نون ميزائيلن ۽ جنگي سامان جي تياري ڪن پيا ۽ ائٽمي ھٿيارن جو تعداد وڌائين پيا انھن حالتن کي سامهون رکندي ھڪ ائٽمي جنگ جو خطرو سدائين رھي ٿو. خدا نه ڪري جيڪڏهن جنگ جي صورت ۾ صرف ڪجهه ائٽم بم ڦاٽي وڃن ته پوري ڌرتي جو نظام درھم برھم ٿيڻ جو خطرو موجود آھي.
ماحولياتي مسئلو: 18هين صدي عيسوي ۾ صنعتي انقلاب جي شروعات برطانيا، يورپ ۽ آمريڪا کان ٿي، انقلابي ڏينھن کان پوءِ صنعت ۾ ڏينھون ڏينھن ترقي ايندي وئي، ايتري قدر جو موجوده دور ۾ استعمال ٿيندڙ ھر شيءِ ڪنھن نه ڪنھن ڪارخاني ۾ ٺھي تيار ٿي آھي. شروعاتي ڏينھن ۾ ڪوئلو ڪارخانن ۾ ٻارڻ طور استعمال ٿيندو هو پوءِ آھستي آھستي ڪارخانا پيٽرول ۽ ڊيزل تي ٻرڻ شروع ٿيا، وقت سان گڏو گڏ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موٽر ڪارون ھلڻ لڳيون ۽ معدني تيل تمام گھڻو استعمال ٿيڻ لڳو، جنھن جي نتيجي ۾ نه رڳو ھوا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار وڌيو پر ڪارخانن مان نڪرندڙ مختلف قسمن جي ڪيميڪل ھر طرف تباھي آڻي ڇڏي، موجوده دور ۾ معدني وسيلن جو تمام گھڻو استعمال ٿي رھيو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ گرمي جھٽيندڙ گئس ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وڌي رھي آھي، زمين جي چوٽين تي موجود برف ڳري رھي آھي، گهڻي ڀاڱي زمينون بنجر ٿي رھيون آھن، سوال اھو آھي ته ڇا ھڪ ملڪ جيڪڏهن ماحول ۾ تبديلي آڻيندڙ شين تي ضابطو آڻي ته ڇا ٻيو ملڪ به ائين ئي ڪندو؟ في الحال موجودہ حالتن ۾ ته اھو ممڪن نٿو لڳي، عالمي ادارن طرفان ورتل قدم في الحال ان تي اثرانداز ٿيندي نظر نه پيا اچن. ٽيڪنيڪل مسئلو: 16 آڪٽوبر تي آمريڪي اخبار فائنينشل ٽائيمز ۾ ھڪ خبر ڇپي جنھن ۾ آمريڪا جي ڳجھن ادارن پاران دعويٰ ڪئي وئي ته چين ھائپرسانڪ ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪيو آھي. بهرحال بعد ۾ چيني اختيارين اھڙي ڪنھن به تجربي جي ترديد ڪئي پر آمرڪي ادارن ان خبر سان گڏ پنھنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ھاڻ سوال اھو آھي ته جيڪڏھن چين ڪا به اھڙي ٽيڪنڪ اختيار ڪئي آھي جنهن سان فزڪس جي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي ته پوءِ ڇا آمريڪا چپ ڪري ويھندو ۽ ٽيڪينڪل ميدان ۾ چين کي مات ڏيڻ لاءِ ڪجهھ به نه ڪندو؟ ان سوال جو جوب آھي نه آمريڪا ھر حالت ۾ چين کان بازي کٽڻ چاھيندو. اھڙي طرح دنيا جا مختلف ملڪ نه رڳو ٽيڪنيڪل معاملن ۾ ھڪ ٻئي سان ننهن چوٽي جي مقابلي ۾ آھن پر رات ڏينھن ڪم به ڪن پيا، پوءِ ڇا ان مقابلي دوران اھڙي ڪابه ٽيڪنڪ نٿي ٿي سگھي جنھن سان پوري انسانيت کي خطرو لاحق ھجي؟ جواب آھي بلڪل ھا ائين ممڪن آھي، جيڪڏهن انھن سڀني مسئلن جو حل ڳولجي ته اهو في الحال قومي سطحن تي موجود ناهي، ھڪ عالمي حڪومت قائم ٿيڻ گھرجي جيڪا انھن سڀني مسئلن کي حل ڪري. عالمي حڪومت مان منھنجي مراد اھا آھي ته ملڪي سطح تي رڪاوٽ کان سواءِ عالمي طور تي پوري دنيا کي گڏائي ھڪ مستحڪم مقام تي وٺي وڃجي ته جيئن انسان نه صرف موجوده دور پر ايندڙ وقت ۾ به آرام واري زندگي گذاري سگھن.