391

حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم ۾ ڳالهين جي ڪاميابي سٺو سنئوڻ آهي

ايڊيٽوريل

امن ئي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ضمانت آهي، بدامني، وڳوڙ ۽ دهشتگردي ملڪن ۽ عوام کي تباهيءَ کانسواءِ ڪجهه به نٿي ڏئي سگهي، بدقسمتي سان پاڪستان ڪافي عرصي کان بدامني، وڳوڙن ۽ دهشتگردي جي ور چڙهيل رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي معيشت ڏينهون ڏينهن ڪمزور ۽ حالتون هر ايندڙ ڏينهن ويتر خراب ٿينديون رهيون آهن، امن جي مڪمل بحالي نه هجڻ ڪري پرڏيهي سيڙپڪار، واپاري توڙي سياح هتي اچڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته مختلف ملڪن ۾ روزگار سانگي ويندڙ پاڪستانين کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، جيڪو پڻ الميو آهي، ڪنهن به ملڪ جو مجموعي عوام دهشتگردي يا بدامني ۽ وڳوڙ ناهي چاهيندو، پر ڪجهه گروهه ۽ ٽولا وڳوڙ پيدا ڪري ملڪ جي مجموعي عوام کي بحرانن جي ور چاڙهي ڇڏيندا آهن، حڪومت طرفان قانون جي عملداري يقيني نه بڻائڻ ۽ سڀني لاءِ هڪجهڙي پاليسي نه رکڻ ڪري پڻ وڳوڙ جنم وٺن ٿا، پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان طرفان پابندي هٽائڻ، سربراهه سعد رضوي جي آزادي ۽ فرانسيسي عملي جي نيڪالي لاءِ مارچ شروع ڪيو ويو، جنهن سبب پنجاب جي لاهور، گجرانوالا سميت مختلف شهرن ۾ هڪ هفتي کان زندگي مفلوج ۽ هزارين ماڻهن جي آبادي گهرن ۾ قيد ٿي وئي آهي، جي ٽي روڊ مسلسل بند ۽ هر هنڌ ڪنٽينر بيهاري رڪاوٽون کڙيون ويون آهن، احتجاج ڪندڙن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۾ چڪرين ۽ جهڙپن ۾ 3 اهلڪار شهيد، 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته حڪومتي رٽ کي بري طرح چٿيو ويو آهي، احتجاجي ڪارڪن ٽن ڏينهن کان وزيرآباد ۾ موجود آهن، جتي شهر سيڪيورٽي ڇانوڻيءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شهر اندر هڪ ئي وقت نظر بند ڪيا ويا هجن، ماڻهن ۾ خوف گهر ڪري ويو آهي، حڪومت طرفان طاقت ذريعي احتجاج ختم ڪرائڻ جو فيصلو بار بار تبديل ڪيو ويو ۽ ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڪڍڻ کي ترجيح ڏني وئي، قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ان سلسلي جي ڪڙي هئي، ان اجلاس جي فيصلي تحت وزيراعظم عمران خان عالمن کي گهرائي انهن کي پابندي مڙهيل تنظيم جي اڳواڻن سان ڳالهين ۽ احتجاج ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو، عالمن جي ٽياڪڙي سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن ۽ پابندي مڙهيل ٽي ايل پي ڌرڻو ختم ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي، معاهدي جا نڪتا اڃا سامهون نه اچي سگهيا آهن، عالمن جي اڳواڻي ڪندڙ مفتي منيب پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ناخوشگوار واقعو پيش اچڻ کان اڳ ۾ معاهدي جو طئه ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي، اها ڪنهن جي ناڪامي نه پر اسلام ۽ پاڪستان جي فتح آهي، هڪ هفتي تائين پنجاب جي مک وڏن شهرن ۾ ڪاروبار ٺپ، زندگي مفلوج، هزارين ماڻهو شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور هئا حڪومت کي اربين رپين جو نقصان پهتو پر اڳواڻن جي نظر ۾ شايد اهو ڪو به نقصان نه آهي، بهرحال جيڪو ٿيو سو ٿيو، حڪومت ۽ رياست کي پرتشدد  احتجاجن ۽ وڳوڙن کي مستقل بنيادن تي روڪڻ لاءِ هاڻي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، ائين ناهي ته ڪو به هجوم گادي واري شهر تي ڪاهه ڪري ڏي ۽ سڄي نظام کي مفلوج بڻائي ڇڏي، احتجاج عوام ۽ سياسي پارٽين جو حق آهي پر اهو احتجاج پرامن هجڻ لازمي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو